اسلم عباسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

محمد اسلم ولد حاجي الهداد عباسي، موري لڳ ڳوٺ علي بخش ڪلهوڙي ۾ 25 نومبر 1968ع تي ڄائو. لکڻ جي شروعات 85_ 1984ع کان ڪيائين. سندس پهرين لکڻي مهراڻ اخبار ۾ 1986ع ۾ شايع ٿي. هن آزاد نظم ۽ ڪجهه ٽيڙو لکيا آهن. نثر جي حوالي سان تاريخي ۽ تحقيقي مضمون لکيا اٿس. شاهه عنايت سوشل ويلفيئر ائسوسيئيشن، سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ گرئجوئيٽ ائسوسيئيشن موري سان لاڳاپيل رهيو آهي. 1993ع کان 1996ع تائين ماهوار پيپلز ٽائيمز ۽ 1997ع کان اڄ تائين ”سنڌ رويو“ رسالي جو ايڊيٽر آهي.[1]

حوالا[سنواريو]