اسلم آزاد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اسلم آزاد ولد سليمان ڪورائي بلوچ، 28 آگسٽ 1950ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم کان وٺي گرئجوئيشن تائين حيدرآباد ۾ تعليم حاصل ڪئي. کيس ادب سان ننڍي هوندي کان ئي چاهه هو.[1]

ادبي سفر[سنواريو]

اسلم آزاد جي اصل سڃاڻپ هڪ ڪمپيئر جي حيثيت سان آهي، پر هي صحافي ۽ اديب به رهيو آهي. هن پنهنجي صحافتي سفر جي شروعات آڪٽوبر 1967ع ۾ عبرت اخبار کان ڪئي ۽ چئن سالن کان پوءِ روزاني هلال پاڪستان جو سينيئر سب ايڊيٽر ٿيو. 1990ع تائين صحافت سان وابسته هئڻ سبب هن صحافت ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا. ڪاليج واري زماني (1969ع کان 1971ع تائين) هن ’اسٽوڊنٽس پبليڪيشن‘ جا 14 ڪتابڙا شايع ڪيا. اهو دور مارشل لا جو هو. پر اسلم آزاد قومي جوابداريءَ سان ’اسٽوڊنٽس پبليڪيشن‘ کي جاري رکندو آيو. جنوري 1980ع ۾ هن ٽيليويزن جي اسٽيج جو سفر ”وينجهار“ پروگرام ۾ ڪمپيئر جي حيثيت سان شروع ڪيو. انهن ڏينهن ۾ ڪمپيئرنگ ظفر حسن ڪندو هو ۽ ان جي بيماريءَ کان پوءِ اسلم آزاد کي اهو موقعو مليو ۽ هو ٽيليويزن تي پنهنجي جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو. اسلم آزاد ريڊيي تان به ڪافي پروگرام براڊڪاسٽ ڪيا، جن ۾ ڊراما، تقريرون وغيره شامل آهن. هن اٽڪل 15 ريڊيو ڊراما نشر ڪيا. اسلم آزاد ٻه ڀيرا لوڪ ميلن جي ڪمپيئرنگ ڪئي. 1985ع ۾ عام چونڊن جي پي. ٽي ويءَ تان سڌيءَ ريت نشر ٿيندڙ نتيجن واري پروگرام جي به ڪمپيئرنگ ڪيائين. هن پي. ٽي. ويءَ تي وينجهار، لطيفي لات، گهڙيال، پرک ۽ ٻين ڪافي پروگرامن ذريعي پاڻ مڃرايو، جنهن جي مڃتا طور پي ٽي ويءَ پاران کيس پروگرام ”لطيفي لات“ 1987ع جو پي ٽي وي اوارڊ ڏنو ويو. کيس سلور جوبلي پي ٽي ويءَ گولڊ ميڊل 1990ع به ملي چڪو آهي. ان کان سواءِ فني قدردانن پاران ڀٽائي اوارڊ ۽ ٻيا اوارڊ حاصل ڪيا اٿس.[1]

تازو تصوف تي هڪ ڪتاب پڻ ڇپايو اٿس. هن وقت حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 اسلم آزاد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين) جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع