اسرول

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اسرول/آسرول (ٻوٽي): هن ٻوٽيءَ جو ٻوٽو ٽي فوٽ اوچو ٿيندو آهي. پن ٻه ٽي -انچ- ڊگها ۽ هڪ -انچ- ويڪرا ٿيندا اٿس، جيڪي ڳاڙهن مرچن جي پنن سان ملندر جلندڙ هوندا آهن. هن جون ڪيتريون ئي شاخون ٿينديون آهن ۽ هر شاخ جي چوٽيءَ تي گلن جو گهاٽي نارنگي رنگ جو ڇڳو هوندو آهي، جنهن ۾ ڪاري رنگ جو مٽر جي برابر -ٻج- سرجندو آهي. -ان- -ٻوٽي- جي پاڙ زمين ۾ اونهي هوندي آهي ۽ اها دوا طور استعمال ٿيندي آهي. -ان- جو سواد ڪڙو هوندو آهي. حڪيمن وٽ هيءَ -ٻوٽي- چريائي ۽ ديوانگيءَ جي خاص دوا آهي. جيڪڏهن پاڳل ماڻهو ڀڄندو ڊڪندو ۽ گوڙ مچائيندو يا ٻين کي ماريندو هجي ۽ بلڪل نه سمهي، ته -ان- دوا جي چند خوراڪن جي استعمال سان ننڊ اچڻ لڳندي اٿس، اجيڪڏهن مريض کي مستقل ننڊ نه ايندي هجي ته ننڊ ڏيارڻ لاءِ به -ان- دوا کي استعمال ڪيو ويندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]