اسدالله شاھ ٽکڙائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

علامه حڪيم قاضي اسدالله شاهه ولد سيد الهه بخش شاهه ٽکڙائي 15 شعبان 1285ھ/30 نومبر 1868ع ڌاري، -ٽکڙ- ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. سندس تعلق مٽيارين واري سيد خاندان جي جراڙ پوٽي پاڙي جي منعماڻي شاخ سان ھو. طب جو علم، ميران محمد شاهه -اول- وٽان سکيو. -ٽکڙ- ۾ سندس عاليشان دواخانو هو ۽ پنهنجي وقت جو حاذق حڪيم سمجهيو ويندو هو. سنڌ ۾ خلافت تحريڪ جو باني هو. پاڻ سٺو نثر نويس، اديب نقاد ۽ قادرالڪلام شاعر هو. کيس حافظ حامد، محمد هاشم مخلص، غلام محمد شاهه ”گدا“ جي صحبت ۾ شاعريءَ جو شوق جاڳيو. شاعريءَ ۾ ”فدا“ تخلص استعمال ڪندو هو. حج جي سعادت به ماڻيائين. پاڻ هڪ ئي وقت حافظ، عالم، شاعر، مصنف ۽ سياستدان هو. سنڌ جي هن قومي ڪارڪن، اديب، شاعر ۽ صحافيءَ 10 فيبوري 1926ع/ 27 رجب 1344ھ تي وفات ڪئي.[1]

تعليم و تربيت[سنواريو]

سندس پهريون استاد حافظ يوسف هو، جنهن وٽ سنڌي پارسي ۽ فقہ پڙهڻ بعد، صرف نون مهينن جي قليل عرصي ۾ قرآن شريف حفظ ڪيائين. حضرت صاحب جن جي مريد هئڻ سان گڏوگڏ وٽن مڪتوبات شريف امام رباني مجدد الف ثاني ۽ مڪتوبات خواجه محمد معصوم عروة الوثقيٰ به پڙهڻ شروع ڪيائين. اتان فارغ ٿي، حيدرآباد ۾ مولوي محمد حسن وٽ عربي پڙهڻ لاءِ ويو، جتان تحصيل يافته ٿي نڪتو. مگر، شاهه صاحب کي اڃا به علم لاءِ گهڻي اُڃ هئي، ۽ علم حديث پڙهڻ جو ارادو ڪيائين؛ پر جيئن ته سنڌ جا عالم انهيءَ ڪم ۾ ڪمزور هئا، انهيءَ ڪري مائٽن کي ٻڌائڻ سڻائڻ کان سواءِ ديوبند هليو ويو- ڇو ته کيس خبر هئي ته مائٽ ايڏي دور دراز سفر جي اجازت نه ڏيندا. اتي پهچي، نهايت محنت ۽ جفاڪشيءَ سان پنهنجو سبق سمجهڻ ۽ ياد ڪرڻ لڳو. اتي جو مدرس شيخ الهند مولانا محمودالحسن ديوبندي، شاهه صاحب ڏانهن خاص توجهه ڏيندو رهيو. هوڏانهن وري مائٽن مٽن کي سندس گم ٿيڻ پريشان ڪري وڌو هو: کين اها خبر ڪانه هئي ته ڪو هي ماٺيڻو ٻار ايترو پري وڃي نڪرندو! اٺن مهينن گذرڻ کان پوءِ، شاهه صاحب خود پنهنجي خيريت جو خط لکيو. مائٽن اڃا کيس ڳوٺ آڻڻ جو خيال پئي ڪيو، تنهن کان اڳ سيد ميران محمد شاهه اول، جو سرهند شريف ويل هو، ڳوٺ وٺي آيس. طب ۾ سندس استاد ميران محمد شاهه اول هو. سندس هڪ عاليشان ڪتبخانو هو، جنهن ۾ پنج ڇهه هزار ڪتاب هئا. جي سندس اولاد جي ڪم توجهيءَ ڪري اڏوهيءَ جي نذر ٿي ويا.[2]

تحريڪ خلافت[سنواريو]

هي اهو زمانو هو، جڏهين هند ۾ هر هندو ۽ مسلمان، انگريزن مان بيزار ٿي، پنهنجي گردن مان غلاميءَ جي طوق لاهڻ لاءِ جدوجهد آزادي اڳ ئي شروع ڪري ڏني هئي، ته وري انگريزن جي اسلامي ملڪن تي جارحانه حملن، هندستاني مسلمانن کي هيڪاري مشتعل ڪري وڌو، ۽ خلافتِ عثمانيه جي تائيد ۾ هندستان ۾ تحريڪ خلافت عمل ۾ آئي. خلافتين ۽ ڪانگريسين گڏجي هڪڙي پليٽفارم تي ڪم ڪيو؛ ۽ اُهي جوش خروش ڏيکاريا، جو هندستان جي وائسراءِ لارڊ ريڊنگ حڪومت کي لکيو ته جيڪڏهن ترڪن سان صلح نه ڪندا ته هندستان ۾ بلوو ٿي پوندو. انهيءَ کان پوءِ ئي انگريزن ترڪن سان ”لوڪارنو“ وارو عهدنامو ڪيو.[2] سنڌ ۾ خلافت جو باني سيد اسداللہ شاهه هو. سندس دل ۾ ملتِ اسلاميه جي محبت جي اُها قنديل روشن هئي، جنهن کيس گهر ويهڻ نه ڏنو ۽ يڪدم تائيد خلافت ۾ اُٿي کڙو ٿيو، کيس نور محمد وڪيل عبدالجبار وڪيل شيخ عبدالمجيد، پير غلام مجدد سرهنديءَ وغيره جهڙا مخلص ۽ بي لوث نوجوان ڪارڪن ملي ويا، جن جي قومي خذمتن کان سنڌ جو ٻچو واقف آهي. شاهه صاحب سڄيءَ سنڌ جو دورو ڪري، غافل مسلمانن کي غفلت جي ننڊ مان جاڳايو. امن – سڀا. تحريڪ خلافت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ انگريزن وري ”امن – سڀا“ برپا ڪئي، جنهن جا ڪيترا ملت فروش سرڪردا ٿي پيا، جن وقت بوقت زبان توڙي قلم سان آزاديءَ جي متوالن جي راهه ۾ رنڊڪون پئي وڌيون. حيدرآباد شهر جي قاضي ابراهيم شاهه به امن-سڀا ۾ شامل ٿي مسلمانن جي دلين کي سخت صدمو پهچايو- کيس ڪيترو ئي سمجهايو ويو، پر بيسود.[2]

شهر جو قاضي ٿيڻ[سنواريو]

رمضان جي عيد هئي، قاضي ابراهيم شاهه حيدرآباد جي ڪليڪٽر گبسن کي اڳواٽ آگاهه ڪيو ته ”هن عيد تي انگريزن جي خلاف ريزوليشن پاس ڪيا ويندا“. گبسن يڪدم آرڊر ڪڍيو ته ”جيئن ته عيدگاهه ڪنٽومينٽ ايريا ۾ آهي، انهيءَ ڪري انگريزن جي خلاف ڪنهن جي به زبان مان هڪ لفظ نڪتو ته کيس هڪدم گرفتار ڪيو ويندو!“ خلافتين مجبور ٿي شاهه محمد مڪيءَ واري ميدان تي نماز پڙهڻ جو فيصلو ڪيو؛ پر اتي وري ابراهيم شاهه جي ڀاءُ محمود شاهه اعتراض اٿاريو ته آءٌ نماز پڙهائيندو آهيان. نيٺ، شاهه جي قدمن وٽ نماز پڙهڻ جو فيصلو ٿيو. عيد واري ڏينهن گرمي به ڏاڍي هئي. شاهه جي قدمن وارو ميدان گند ڪچري سان ڀريل هو. نماز پڙهڻ لاءِ نه ڇانو هئي، نه وري ڪي تڏا توريون هئا؛ مگر مومنن جي دلين ۾ ذرا به جنبش نه آئي، ۽ صفون ٻڌي بيهي رهيا. امامت جا فرائض علامه اسداللہ شاهه ادا ڪيا. انهيءَ ڏينهن مسلمانن قاضي ابراهيم شاهه سان بائيڪاٽ ڪيو، ۽ انهيءَ ڏينهن اسداللہ شاهه کي شهر جو قاضي مقرر ڪيو ويو.[2] سندس تقرير نهايت اثر واري ۽ آواز رعبدار هو. پير غلام مجدد ڳالهه ڪندو آهي ته جيڏيءَ مهل انگريزن جي ظلم وتشدد جو ذڪر ڪندو هو ته سندس منهن غصي کان لال ٿي ويندو هو، ۽ اهڙي ته پر جوش تقرير ڪندو هو، جو ٻڌندڙن جون دليون جوش سان ڀرجي وينديون هيون. انهن ڏينهن ۾ ٻئي هڪ مولوي فيض الڪريم، تحريڪ خلافت خلاف هڪ رسالو ”تحقيق الخلافة“ لکيو، جو حيدرآباد جي ڪليڪٽر گبسن پنهنجن هٿن سان ورهايو. شاهه صاحب، مولوي صاحب جي رد ۾ رسالو ”اثبات الخلافة للدولت العثمانيه“ لکيو، ۽ کيس اهي ته دندان شڪن جواب ڏنائين جو وري اُسري نه سگهيو.[2] ==دواخانو== شاهه صاحب جو ٽکڙ ۾ هڪ عاليشان دواخانو هو. سندس دوا ٿوري پيسي واري ۽ زود اثر هئي. اڪثر مريضن جو علاج مفت ڪندو هو.[2]

=تصنيفون[سنواريو]

1906ع ۾ جڏهين ”مخلص“ مرحوم روپوشيءَ جي حالت ۾ ٽکڙ ۾ موٽي آيو، تڏهين سندن صلاح سان شاهه صاحب هڪ رسالو ”بهار اخلاق“ ٽکڙ مان شايع ڪيو، جنهن جو ايڊيٽر شاهه صاحب پاڻ هو، ۽ جنهن ۾ هر مهيني سندس اعليٰ مضامين ايندا هئا. هيءُ رسالو سالها سال سنڌي ادب جي خدمت ڪندو رهيو. منجهس اُن وقت جي مشهور شاعرن ۽ اديبن جا شعر ۽ مضمون هوندا هئا. ”هديہ اسديه“: هي ڪتاب شاهه صاحب سن 1331ھ ۾ شايع ڪرايو، جنهن ۾ رسول اللہ جن جي علم غيب هئڻ يا نه هئڻ جي مسئلي تي نهايت سهڻي ۽ عالمانه سمجهاڻي ڏني اٿس. ”الانتصار في جواب الاشتهار“: هدايت اللہ ”مشتاق“ جي لکيل ڪتاب ”ڪواڪب السادات في شرح مناقب السادات“ تي مولوي احمد آبڙي واري جيڪي اعتراض اٿاريا هئا، انهن جي جواب ۾ هي ڪتاب شاهه صاحب لکيو. ”فتح الهادي في رد گمنام حيدرآبادي“: هي ڪتاب هڪڙي عيسائيءَ جي اسلام تي ڪيل حملن جي رد ۾ آهي.[2]

شعر و شاعري[سنواريو]

شاهه صاحب جنهن مڪتب جو شاگرد هو، اُتي ٻين سبقن سان گڏ شاعريءَ ڏانهن به توجهه ڏنو ويندو هو. انهيءَ کان سواءِ، ٽکڙ جي شاعرانه ماحول، مرحوم غلام محمد شاهه ”گدا“ جو ٽکڙ ۾ اچڻ ۽ ڏينهن رات رس رهاڻيون ڪرڻ، حافظ ”حامد“ جي هر وقت في اليديهه غزل گوئي ”مخلص“ ۽ آغا حسين جي جان جي صحبت هڪ تيز فهم ۽ سليم الطبع ٻار جي دل شعر چوڻ جون امنگون ڪيئن نه اٿارينديون؟[2] اندازي مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه صاحب اٽڪل تيرهن چوڏهن سالن جي عمر ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو هو. ”انيس المريدين“ ۾ سندس هڪ اوائلي پارسي شعر آهي، جو پنهنجي مُرشد خواجه عبدالرحمان رحه جي شان ۾ چيو اٿس. شروعات ۾ سندس تخلص ”اسد“ هو.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%B3%D8%AF%D8%A7%D9%84%D9%84%D9%87%20%D8%B4%D8%A7%D9%87%D9%87%20%D9%81%D8%AF%D8%A7%20%D9%BD%DA%A9%DA%99%D8%A7%D8%A6%D9%8A%20%D8%AD%DA%AA%D9%8A%D9%85
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 2.7 2.8 اسداللہ شاهه ”اسد“ ٽکڙائي--مرحوم مولانا حافظ اسداللہ شاهه ٽکڙائيرسالو:مهراڻ سوانح نمبر 1990 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ