اسحاق ابڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙو
تعليم جو ماھر ، پروفيسر، ليکڪ
ذاتي تفصيل
پيدائش 8 فيبروري 1935
ڳوٺ امام بخش ٿيٻو، ميھڙ
وفات حيدرآباد، سنڌ

پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ولد عبدالحڪيم ابڙو 8 فيبروري 1935ع تي ڳوٺ -امام- بخش ٿيٻي، تعلقي ميهڙ ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. ابتدائي -تعليم- اباڻي شهر ميهڙ کان سواءِ حيدرآباد ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ حاصل ڪيائين. سال 1953ع ۾ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري ميونسپل هاءِ اسڪول ٽنڊي محمد خان ۾ -استاد- مقرر ٿيو. 1961ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان فارسيءَ ۾ ايم. اي پاس ڪري فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن حاصل ڪيائين. سال 1964ع ۾ -اسلامي تاريخ- ۾ ايم. اي جو امتحان ڏنائين، جنهن ۾ ٽيون نمبر آيو. 1965ع ۾ بي. ٽي جي ڊگري حاصل ڪيائين، جنهن ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن حاصل ڪري -تمغو- ماڻيائين. 1966ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. ايڊ جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري ٻيو نمبر حاصل ڪيائين. سنڌ سرڪار کيس 1968ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج نواب شاهه ۾ فارسيءَ جو ليڪچرر مقرر ڪيو. سال 1976ع ۾ -پاڪستان- طرفان کيس اسڪالرشپ ڏئي -ايران- موڪليو ويو ۽ -تهران- يونيورسٽيءَ مان جديد فارسيءَ ۾ ڊپلوما حاصل ڪيائين، جنهن ۾ کيس ”عالي“ گريڊ ڏنو ويو. 1986ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان فارسيءَ ۾ پي ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڊاڪٽريٽ جي مقالي ۾ شاهه عنايت شهيد جي فڪري پوئلڳ روهڙيءَ جي سادات خاندان مير جان -الله- شاهه رضويءَ جي فارسي ڪلام ”ديوان مير“ جي مهتممي ڪري، -ان- تي انگريزيءَ ۾ مقالو لکيائين. سندس پي ايڇ. ڊي جو مقالو ”ديوانِ مير“ سکر هسٽاريڪل سوسائٽيءَ پاران 2003ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي. ڊاڪٽر ابڙي سال 1957ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول ٽنڊي محمد خان مان مخزن -جاري- ڪيو ۽ -ان- مخزن جي -انگريزي- ڀاڱي جو -ايڊيٽر- ٿي رهيو. ساڳئي ڪاليج مان ٻه ڀيرا ”الڪريم“ جي نالي سان مخزن ڪڍيائين ۽ -ان- جو چيف -ايڊيٽر- ٿي رهيو. ڊاڪٽر صاحب، -آگسٽ- 1988ع ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف ڪاليج ايڊيوڪيشن حيدرآباد ريجن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن هئڻ وقت، ڊائريڪٽوريٽ طرفان سيرت پاڪ تي ڇپايل رسالي ”مشعلِ راهه“ جي -انگريزي- ڀاڱي جو -ايڊيٽر- رهيو. سال 1990ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر ابڙو -پاڪستان- ڪاليج مسقط جو پرنسپال هو ته هن ”اقرا“ جي نالي سان مخزن ڪڍي، جنهن جو پاڻ چيف -ايڊيٽر- ٿي رهيو. پاڻ بهترين اديب هو. هن سنڌي توڙي انگريزيءَ ۾ ڪيترائي مضمون لکيا، جيڪي ٽماهي مهراڻ کان سواءِ ٻين ڪيترن رسالن ۽ ڪاليج مخزنن ۾ ڇپجي چڪا آهن. هن صاحب اسلامي دنيا جي وڏي مفڪر ۽ عالمِ دين حضرت -امام- محمد -بن- محمد غزاليرح جي ڪتاب ”-ايها الولد-“ جي فارسي متن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو غزالي اڪيڊميءَ طرفان چار ڀيرا ڇپجي چڪو آهي. ساڳئي ڪتاب جو -اردو- ترجمو پڻ مدينه پبليڪيشن ڪراچيءَ طرفان سال 1987ع ۾ شايع ڪيو ويو. -ان- کان سواءِ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري طرفان دنيا جي نامياري فيلسوف -افلاطون- جي جڳ مشهور ڪتاب \\\"Republic\\\" جو سنڌيءَ ۾ ڪيل سندس ترجمو 1990ع ۾ ”رعيتي راڄ“ جي نالي سان ڇپجي پڌرو ٿيو. -ان- کان سواءِ هڪ ڪتاب ”ٻاجهارا ٻول“ به شايع ٿيل اٿس. ڊاڪٽر ابڙي، وزارت -تعليم-، حڪومت -پاڪستان- طرفان ڏنل موضوع ”مواصلات جا وسيلا“ تي هڪ ڪتابڙو 1984ع ۾ لکيو. 1985ع ۾ مرڪزي وزارت -تعليم- طرفان جوڙايل سائنسي ۽ هنري لفظن جي لغت جي سنڌي ترجمي لاءِ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي چيئرمئن شپ ۾ ٽه رڪني پئنل جو ميمبر رهيو. سال 1984ع ۾ وزارت -تعليم-، حڪومت -پاڪستان- طرفان، سنڌي ادبي بورڊ ذريعي جيڪي بنيادي ڪتابڙا سنڌيءَ ۾ تيار ڪرايا ويا، انهن جي نظرثاني ۽ تصحيح لاءِ مقرر ڪيل ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو. سال 1990ع ۾ ڊاڪٽر ابڙي انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب “In search of Allah” لکيو، جيڪو -اردو- اڪيڊمي، ڪراچيءَ طرفان سال 1995ع ۾ شايع ڪيو ويو. پروفيسر ابڙي 45 ورهين کان مٿي -تعليم- کاتي جي خدمت ڪئي. 1973ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج سعيدپور ضلعي -بدين- جو باني پرنسپال مقرر ٿيو. -اپريل- 1975ع ڌاري سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، -جتي- 11 ورهيه ڪم ڪيائين، ۽ -ان- عرصي ۾ 3 دفعا چيئرمئن به رهيو. ابڙو صاحب 1985ع ۾ جڏهن سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو چيئرمئن هو ۽ -ان- سال ڪاميٽي آف چيئرمئن ٽيڪسٽ بوڪ بورڊس آف -پاڪستان- جي چيئرمئن شپ به سنڌ کي ملڻي هئي؛ انهيءَ حيثيت ۾ ڊاڪٽر ابڙو انٽر بورڊ ڪاميٽي آف چيئرمئن جو ميمبر رهيو. 1985ع ۾ ڊاڪٽر صاحب گورنمينٽ ڪاليج ڪوٽڙيءَ جو پرنسپال مقرر ٿيو. مارچ 1989ع کان مارچ 1992ع تائين -پاڪستان- ڪاليج مسقط (سلطنت عمان) جو پرنسپال ٿي رهيو. -ٽن- سالن جي ڪانٽريڪٽ بعد کيس ٻيهر گورنمينٽ ڪاليج ڪوٽڙيءَ جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت -تعليم- کاتي ۾ ورهين جا ورهيه خدمت ڪرڻ کان پوءِ سٺ ورهين جي ڄمار ۾ ويهين گريڊ ۾ رٽائر ڪيائين. رٽائرمينٽ کان ٻه سال پوءِ سنڌ حڪومت سال 1997ع ۾ ڊاڪٽر ابڙي کي -پبلڪ اسڪول حيدرآباد- جو پرنسپال مقرر ڪيو. ابڙي صاحب 31 -آگسٽ- 1998ع تي گرلس پبلڪ اسڪول جو بنياد رکيو ۽ -پبلڪ اسڪول حيدرآباد- مان مخزن ”اقرا“ ٻيهر -جاري- ڪرايائين. هو ................. تي وفات ڪري ويو.[1]

حوالا[سنواريو]