استاد نظاماڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

استاد نظاماڻيءَ جو اصل نالو محمد ابراهيم نظاماڻي آهي. هي 15 مارچ 1969ع ۾ سانگهڙ ۾ ڄائو. -تعليم- ايم. اي سنڌي (1993)، بي. ايڊ (2001ع) اٿس. هي سانگهڙ مان نڪرندڙ سلسليوار رسالي ’جهونگار‘ جو -ايڊيٽر- رهيو آهي. جنهن جا 9 پرچا ڪڍي چڪو آهي. هي نثر نويس، محقق ۽ ڪهاڻيڪار آهي. هن جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”حُر تحريڪ“ (2005ع)، ”جاڳ“ رمضان راهي، اي -آر- آزاد ۽ -امر لغاري- سان گڏ -استاد- نظاماڻيءَ جي ڪهاڻين جو گڏيل مجموعو، (1993ع) ۽ ”جي گهارياسين -بند- ۾“ (2006ع) حُر تحريڪ جي -ٽن- ڪردارن الهورايي بهڻ، حاجي ولي محمد نظاماڻي ۽ حاجي گل محمد نظاماڻيءَ جي يادن تي مشتمل شامل آهن. سندس ڪراچيءَ کان ڪالام تائين سفر نامو اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهي، هو شهيد صبغت -الله- شاهه چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر آهي. هن وقت هاءِ اسڪول ٽيچر (H.S.T) آهي، ۽ سانگهڙ ۾ رهي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]