استاد نبي بخش مڱڻھار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪلاسيڪل راڳي -استاد- نبي بخش ولد محمد ملوڪ مڱڻهار 1938ع ڌاري ڳوٺ پارو چاچڙ ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. 20 سالن جو هو ته راڳ جي تربيت -استاد- مهر علي خان پنجاب واري کان ورتائين، جو -استاد- مراد علي گوالياري جو شاگرد هو. -استاد- نبي بخش راڳ -ايمن ڪلياڻ- ۽ ڀيم پلاس تي عبور رکندو هو. ڄام ساقيءَ کيس ريڊيو حيدرآباد تي آندو، -جتي- عنايت -بلوچ- سندس ست ڪلام رڪارڊ ڪري پيش ڪيا، جيڪي بيحد مقبول ويا. 1986ع ۾ لوڪ ورثه -اسلام- -آباد- پاران سندس محفل جي ڪئسٽ به تيار ڪئي وئي، جيڪا مقبول ٿي. شاهه لطيف، سچل، بلها شاهه، استاد بخاري ۽ -اظهر گيلاني- جا ڪلام خوب ڳائيندو هو. -استاد- نبي بخش جو وڏو پٽ مختيار احمد به سٺو ڳائي ٿو، -باجو- ۽ بينجو به وڄائي ڄاڻي، ٻيا فرزند امانت علي ۽ ممتاز ڍولڪ وڄائڻ جا ڄاڻو آهن، سندس ڀائٽيو محمد شريف به سٺو راڳي آهي. استاد نبي بخش مڱڻهار 2008ع ۾ وفات ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]