استاد منظور علي خان (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيءُ ڪتاب سنڌ جي ڪلاسيڪل فنڪار استاد منظور علي خان جي فن ۽ شخصيت بابت آهي، جنهن کي ڪوثر -ٻرڙي- ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب جو مهاڳ عنايت -بلوچ- لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ -استاد منظور علي خان- جو انٽرويو ۽ سندس فن بابت ڊاڪٽر نبي بخش -بلوچ-، ممتاز مرزا، -استاد- فتح علي خان، نصير مرزا، ادل سومري، -انور- پيرزادي، ڊاڪٽر محمود مغل ۽ ٻين جا مضمون شامل آهن. ڪتاب جي آخري صفحن ۾منظور علي خان بابت سندس شاگردن، اديبن، شاعرن، فنڪارن جا تاثرات ڏنا ويا آهن. -ان- سان گڏ سندس ريڊيو تي ڳايل ڪلامن جي فهرست، ڪمپوز ڪيل ڌنن جي فهرست، سندس شاگردن جي نالن جي لسٽ ۽ آخري صفحي تي -استاد منظور علي خان- جو شجرو ڏنو ويو آهي. پڪي جلد سان 240 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 250 روپيا آهي، جنهن کي پوپٽ پبلشنگ هائوس، سنڌ ٻالڪ سنگت خيرپور، سيپٽمبر 2010ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.[1]

حوالا[سنواريو]