استاد مجاھد چانڊيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ناليواري تاريخدان -استاد- مجاهد چانڊيي 1935ع ڌاري چانڊڪا -جاگير-، غيبي ديري جي هڪ ڳوٺ ’-ٺل-‘ ۾ -جنم- ورتو. تعلقي وارهه جي کنڊو مدرسي مان فارسي ۽ سنڌي فائنل ڪري، پرائمري -استاد- ٿيو. هيءُ پٺتي پيل علائقي ۽ -جاگيرداري نظام- ۾ علم جو شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ اسڪول کولرائي، انهن ۾ پنهنجي بدلي ڪرائي ٻارن ۽ اتان جي اڻپڙهيل ڳوٺاڻن ۾ شعور پيدا ڪندو رهيو. سندس خصوصيت اها هئي ته هو پٺتي پيل ڳوٺن ۾ اسڪول کولرائي پاڻ کي -ان- اسڪول ۾ مقرر ڪرائيندو هو ۽ -ان- اسڪول کي مچائي اسڪول ڪنهن ٻئي -استاد- حوالي ڪري وري ڪو ٻيو ڳوٺ وسائيندو هو. اهڙي طرح وارهه ۽ قمبر ۾ هن 20 کان 25 نوان اسڪول کولرايا. هن مشرقي ٻولين واري شعبي مان اديب، عالم ۽ فاضل جي سند حاصل ڪئي. ڪيترائي مضمون، افسانا، تاريخي مقالا لکيا اٿائين، جيڪي نئين زندگي ۽ مختلف اخبارن ۾ ڇپيا. سندس تاريخي ناول ’چانڊڪا‘ 1963ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جو ٻيو ايڊيشن 1998ع ۾ شايع ٿيو. چانڊين جي -تاريخ- تي مشتمل سندس ٻيو ڪتاب ’تنين سين ڏيٺ‘ 2001ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]