لعل خان گڪو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

استاد- لعل خان سرزمين سنڌ جو فرزند ۽ شهر -ٺٽي- جو رهاڪو هو. سندس پيدائش ۽ -تعليم- ۽ تربيت -ٺٽي- ۾ ئي ٿي. پاڻ قد جو تمام ننڍو ۽ -بت- ۾ ڀريل هو جنهنڪري کيس گُڪو سڏيو ويندو هو. هن ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ وڏي مهارت حاصل ڪئي ۽ نالو ڪڍيو. سندس آواز ڏاڍو سُريلو ۽ درد ڀريو هوندو هو، جنهنڪري عوام ۾ ڏاڍو مقبول هو. درٻاري، مالڪوس ۽ للت سندس پسنديده راڳ هئا ۽ انهن تي کيس مڪمل عبور حاصل هو.[1]

حوالا[سنواريو]