لعل خان گڪو
ڏيک
(استاد لعل خان گڪو کان چوريل)
استاد- لعل خان سرزمين سنڌ جو فرزند ۽ شهر -ٺٽي- جو رهاڪو هو. سندس پيدائش ۽ -تعليم- ۽ تربيت -ٺٽي- ۾ ئي ٿي. پاڻ قد جو تمام ننڍو ۽ -بت- ۾ ڀريل هو جنهنڪري کيس گُڪو سڏيو ويندو هو. هن ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ وڏي مهارت حاصل ڪئي ۽ نالو ڪڍيو. سندس آواز ڏاڍو سُريلو ۽ درد ڀريو هوندو هو، جنهنڪري عوام ۾ ڏاڍو مقبول هو. درٻاري، مالڪوس ۽ للت سندس پسنديده راڳ هئا ۽ انهن تي کيس مڪمل عبور حاصل هو.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ استاد لعل خان گُڪو : (Sindhianaسنڌيانا), archived from the original on 2016-04-11, retrieved 2016-05-26
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (help)