استاد سينڌو خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

استاد ھدو خان جو پٽ -استاد سينڌو خان- به پنهنجي پيءُ وانگر سنگيت جي دنيا جو مقبول گائڪ هو. هو 1897ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 1948ع ۾ وفات ڪيائين. سينڌو خان پنهنجي والد سميت سيٺ وشنداس مانجهوءَ واري وٽ رهندو هو. سيٺ وشنداس جي صحبت سبب هو به شاعري ڪرڻ لڳو ۽ چڱو شعر جوڙي سگهندو هو. صاحب -بياض- هئڻ سان گڏ بهترين خطاط هو. موسيقيءَ جي سکيا پنهنجي پيءُ -استاد هدو خان- کان حاصل ڪري سنگيت جي دنيا ۾ ڪافي مشهوري حاصل ڪيائين. سندس گائڪي دهلي انداز جي هئي. جنهن تي گوالياري وڌيڪ پر تلونڊي اثر به هو. سينڌو خان خيال جي گائڪيءَ ۾ به اوچي مقام جو گويو هو. ستار سندس دل پسند ساز هو، جنهن تي کيس مڪمل ڪمال حاصل هو.[1]

حوالا[سنواريو]