استاد جمالو خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

استاد جمالو خان، استاد احمد خان جو پٽ ۽ -استاد گامڻ خان- جو ڀائٽيو هو. سندس ولادت سنڌ ۾ اوڻويهين صديءَ جي آخر ۾ ٿي هئي. هن پنهنجي زندگيءَ جا سڀ مرحلا هتي ئي گذاريا پنهنجن بزرگن جي نقش قدم تي هلندي هن به درپڌ گائڪيءَ ۾ ڪمال حاصل ڪيو ۽ هن گهڻو ڪري پير بخش خان سان گڏ ڳايو. -جمالو- خان راڳ ميگهه ڏاڍي شوق ۽ سوز سان ڳائيندو هو. خيال جي گائڪيءَ ۾ به کيس سٺي دسترس حاصل هئي. سندس آواز ۾ هڪ قسم جو خاص درد سمايل هو. جنهن سبب عوام ۾ ڏاڍو مقبول هو.[1]

حوالا[سنواريو]