استادن لاءِ ھدايتون (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

استاد- صاحبان لاءِ فنڪشنل سنڌي سيکارڻ جو هيءُ پهريون ڪتاب پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا جو لکيل آهي. ڪتاب جي ڀاڱي پهرئين ۾ سبقن کان پوءِ ڏنل مشقون بلڪل نئين نموني جون آهن. جيڪي فنڪشنل سنڌيءَ واري طرز کي سامهون رکي تيار ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ٻئي ڀاڱي ۾ مختلف مشقن جي مدد سان سنڌي ٻوليءَ جي ساخت، رچنا، سنڌيءَ -ٻولي- جي آوازن ۽ گرامر کان سواءِ سنڌي -ٻولي- جي جملن وغيره ٺاهڻ لاءِ جيڪو طريقو اختيار ڪيو ويو آهي، اهو تمام آسان آهي. ڊيمي سائيز ۽ رنگين ٽائيٽل ۾ 84 صفحن واري هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران -آڪٽوبر- 2000ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت صرف 40 روپيا آهي.[1]

حوالا[سنواريو]