مواد ڏانھن هلو

ارڏو اترادي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ارڏي اتراديءَ جو اصل سندس اصل نالو ارصلاح ولد ڪوهدل -باجڪاڻي- آهي. 17 مئي 1949ع تي ڳوٺ گلواڻي تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. پنهنجي ڳوٺ ۽ ڪنڌڪوٽ هاءِ اسڪول کان -تعليم- حاصل ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽِيءَ مان سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪيائين. 1968ع ۾ ”عاجز“ تخلص سان شاعريءَ ذريعي ادب ۾ داخل ٿيو. سندس سموري شاعري ارڏائي واري هئي -ان- ڪري دوستن جي اسرار تي ”-ارڏو اترادي-“ نالو اختيار ڪيائين. سٺو شاعر، اديب ۽ -استاد- آهي. سندس لکڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون. سائين جي. ايم. سيد سان عقيدت رکڻ ڪري ڪجهه عرصو جيئي سنڌ محاذ سان به وابسته رهيو. سماجي ورڪر آهي ۽ سگا شاخ ڪنڌڪوٽ سان وابسته آهي. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو ”-جنگ جو اعلان-“ شايع ٿيل آهي. جڏهن ته ”موت کي مات“ ۽ ”اکڙين جو -جام-“ سندس شاعري جا اڻ ڇپيل مجموعا آهن ۽ ”-آتم ڪهاڻي-“ ۽ ”اڻ وسرندڙ ڪهاڻي“ نثري ڪتاب اڃا شايع ٿي نه سگھيا آهن.[1]

حوالا

[سنواريو]