ارونا ايراني
ارونا ايراني | |
---|---|
ارونا ارڙھين لاينز گولڊ ايوارڊ جي تقريب ۾ | |
پيدائش | آگسٽ 1946 (عمر 78 سال) بمبئي |
پيشو | اداڪاره ۽ ڊائريڪٽر |
جيون ساٿي | ڪوڪو ڪوھلي |
رشتيدار | 5 ڀائر ۽ 2 ڀينرون جن ۾ شامل آهن
Indra Kumar (Brother) Adi Irani (Brother) Firoz Irani (Brother) |
'ارونا ايراني(انگريزي: Aruna Irani) (ڄائي :18 آگسٽ 1946) انڊيا جي ھڪ اداڪاره جنھن 300 کان وڌيڪَ ھندي ، مراٺي، ۽ گجراتي فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي.
تفصيلي تعارف
[سنواريو]گھڻي ڀاڱي ھن ڪريڪٽر رول ۽ سپورٽنگ رول نڀايا آهن. ھن ڪيترن ئي فلمي گانن ۾ ڊانس ڪئي آهي جنھن ۾ مشھور جيوتي ( 1981) ۾ ٿوڙا ريشم لگتا ھي مشھور گانو اٿس. ھيء بيسٽ سپورٽنگ رول لاء فلم فيئر ايوارڊ لاء ڏھ دفعا چونڊي وئي ۽ ٻہ دفعا ايوارڊ پنھنجي نالي ڪري ورتائين.پندرهن سالن جي عمر ۾ بطور چائيلڊ اسٽار ھن پھريون دفعو 1961 ۾ فلم گنگا جمنا ۾ عذرا جو ڪردار ادا ڪيو. 1984 م کيس فلم پيٽ، پيار اور پاپ ۾ ڪرڻ تي فلم فيئر جو بيسٽ سپورٽنگ ايڪٽر جو ايوارڊ مليو.[1] ڪيريئر جي پوئين حصي ۾ ھن ٽيليويزن تي ڪم جي شروعات ڪئي
ذاتي زندگي
[سنواريو]18 آگسٽ 1946 ۾ پيدا ٿيندڙ ارونا بمبئي شھر م رھندڙ فردين ايراني جي ڌيءَ ھئي جيڪو اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪندو هو. ارونا جي ماء سگونا اداڪاره ھئي. پنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ سڀ کان وڏي ارونا والدہن جي مالي مشڪلاتن جي ڪري ڇھ درجا پورا ڪري تعليم کان فارغ ٿي وئي[2] ھن باليووڊ جي ڊائريڪٽر ڪوڪوڪولھي سان شادي ڪئي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Filmfare Awards: Aruna Irani wins the Lifetime Achievement Award". The Times of India. http://timesofindia.indiatimes.com/entertainment/hindi/bollywood/news/Filmfare-Awards-Aruna-Irani-wins-the-Lifetime-Achievement-Award/articleshow/11676248.cms. Retrieved 5 July 2016.
- ↑ Meera Joshi (3 September 2013). "Mehmood & I never married - Aroona Irani". Filmfare. http://www.filmfare.com/interviews/mehmood-i-never-married-aroona-irani-4083.html.