مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

ارشد ھالائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عبدالرحيم ابڙي ”ارشد“ هالائيءَ جي ولادت 15 -آگسٽ- 1932ع تي هالا شهر ۾ ٿي. پاڻ هالا جي مشهور نعت گو شاعر جان محمد اضعف هالائيءَ جو ٻيو نمبر فرزند هو ۽ کيس وقت جي سٺن شاعرن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. پهرين تخلص ”بيدل“ هئس، -ان- بعد ”ارشد“ اختيار ڪيائين. مضمون نگار ۽ مقرر هجڻ سان گڏ ڪامياب -استاد- ۽ تعليمي ماهر هو. سندس ايمانداريءَ، تعليمي مهارت ۽ محنت جي پيش نظر کيس حيدرآباد ضلعي جو ڊي. اي. او مقرر ڪيو ويو. -ان- کان پوءِ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪوٽڙيءَ ۾ نمايان خدمتون بجا آندائين. پڇاڙيءَ ۾ ائگرو ٽيڪنيڪل آفيسر جي عهدي -تان- رٽائر ڪيائين. شعر و شاعريءَ جي ميدان ۾ ”بزمِ رفيق“ ۽ ”سنياسي ادبي سنگت“ هالا ۾ سيڪريٽريءَ طور ڪم ڪيائين. شاعريءَ ۾ حمد ۽ نعتيه ڪلام کان علاوه گهڻو ڪري اصلاحي ڪلام چيو اٿس. ڪجهه غزل ۽ ڪافيون پڻ سندس ڪلام جو حصو آهن. سندس ڪلام ۾ سلاست ۽ سادگيءَ سان گڏ ٻوليءَ جو ميٺاج ۽ رس پڻ آهي. سندس اسلوب بيان وڻندڙ ۽ دلڪش آهي، جنهن ۾ دردمنديءَ ۽ -اصلاح- جا پهلو نمايان نظر اچن ٿا. سندس ڪلام سنڌ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندو رهيو آهي. نثر ۾ سندس نصابي توڙي غيرنصابي ڪتاب شايع ٿيا، -جن- ۾ ”رفيق گرامر“ ۽ ”برساتي بوندون“ کي علمي ۽ ادبي دنيا ۾ وڏي شهرت حاصل آهي. سندس انتقال 23 -اپريل- 1991ع تي ٿيو.[1]

حوالا[سنواريو]