اردو سنڌي لغت (1960ع)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اردو سنڌي لغت ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي گڏ مرتب ڪيل آهي. سنڌ ۾ اردو ۽ سنڌي آباديءَ ۾ مستقل ويجهڙائي ۽ هڪ ٻئي جي ٻولين ۽ ادب کي سمجهڻ واري مقصد کي آڏو رکي علامه آءِ. آءِ قاضي ”اردو سنڌي“ ۽ ”سنڌي اردو“ لغتن تيار ڪرائڻ جي رٿا جوڙائي، جنھن موجب اهي ٻئي لغتون تيار ڪرايون ويون. هن ڊيمي سائيز پڪي جلد واري ڪتاب ۾ 590 صفحا آهن ۽ قيمت 9 رپيا ڄاڻايل آهي. پھريون ڇاپو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران، سنڌ يونيورسٽي پريس، حيدرآباد مان 1960ع ۾ ڇپيو.[1]

حوالا[سنواريو]