اذيت پسندي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اذيت پسندي (Sadism) ڪونٽ دي سادي (Count De Sade) (1740 – 1814ع) سان هي منسوب اصطلاح ’جنسي تناظر‘ ۾ استعمال ٿيندو آهي. جنسي آوارگيءَ جو نمونو، جنھن ۾ ٻين کي اذيتون، تڪليفون ڏيڻ ۾ مزو اچي. هيءَ دراصل نفسياتي بيماري آهي، جنھن ۾ مريض ٻين کي ايذائي ذهني آسودگي محسوس ڪندو آهي. اذيت پسنديءَ جا حامل اديب، تنقيد ذريعي ڪنھن ذهين شخص تي حملو ڪن ٿا، جڏهن سندس آدرش ٽٽن. سنڌي ادب ۾ جديديت پسندن جي اڪثر لکڻين ۾ اذيت پسنديءَ جو نفسياتي لاڙو غالب رهيو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.