ادبي تنقيد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تنقيد __(Literary Criticism):

تنقيد لفظ جو بنياد نقد آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’ملھ‘. ادب جي ملھ ڪٿڻ لاءِ ڪيل پرک کي ادبي تنقيد چئبو آهي. ادبي تنقيد جي شروعاتيونان کان ٿي، جنهن موجب تنقيد جو مطلب اھي فيصلو يا ”فتويٰ”(Judgment) ڏيڻ هو. تنقيد جي لغوي معنيٰ آهي پرکڻ يعني خامين ۽ خوبين جو بيان ڪرڻ. تنقيد انهيءَ عبارت کي ٿو ڪوٺجي، جنهن مان ڪنهن به ادبي تخليق جي خوبين ۽ خامين کي ڄاتو- سمجهيو وڃي: يا ائين ادبي تنقيد، ڪنهن ادبي ڪاوش کي پڙهڻ کانپوءِ، ان تي سوچي، ويچاري، ان جي ادبي ڪٿ ڪرڻ آهي. تنقيد ۾ باريڪ بيني ۽ دليل وڏي اهميت رکن ٿا. ادبي تنقيد، ادب ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي، سڀ کان پھرين تنقيد وسيلي معياري ادب ۽ غير معياري ادب جي کرق جي خبر پوي ٿي. ادبي تنقيد رستي زبان ۽ ادب جي زوال ۽ قدرن جا سبب معلوم ٿي سگھن ٿا. تنقيد سان ادبي تحريڪون شروع ٿين ٿيون. تنقيد رستي خبر پوي ٿي تہ مختلف دؤرن ۾ ادب ۾ ڪھڙا رجحان ھئا. ادبي تنقيد جي وسيلي ئي سٺا اديب پيدا ڪري سگھجن ٿا. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي