مواد ڏانھن هلو

اداره ادب نو حيدرآباد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ادب نو حيدرآباد، ھي اشاعتي ادارو، ناليواري ڪهاڻيڪارن طارق اشرف ۽ غلام نبي مغل 1959ع ڌاري قائم ڪيو.

اشاعتون

[سنواريو]

هن اداري پهريون ڪتاب ’پهريون قدم‘ 1960ع ۾ شايع ڪيو، جنهن ۾ مختلف افسانه نگارن جا لکيل افسانه شايع ڪيا، ’ٻيو قدم‘ 1968ع ۾ شايع ڪيو، جنهن ۾ غلام نبي مغل جون ڪهاڻيون شايع ڪيون ۽ ’ٽيون قدم‘ ۾ شمشير الحيدريءَ جو مجموعو ’لاٽ‘ شايع ڪيو. ان کان علاوه هن اداري طرفان ڪيترن ئي افسانن جا مجموعا، ناول ۽ سفرنامه وغيره شايع ٿيا، جن ۾: سونهن پٿر ۽ پيار، نئون شهر، عورت ۽ پيار، ڪرندڙ ديوارون، غدار، بندر بازاريون، وايون وڻجارن جون، ڏوري ڏوري ڏيهه وغيره شامل آهن. هن اداري تحت 1966ع کان سهڻي ڪتابي سلسلو شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ غلام نبي مغل، نظير ٿيٻو، منصور قريشي، نسيم کرل، ظفر حسن به سهڪار ڪندا رهيا. هن اداري طرفان سهڻي رسالو باقاعدگيءَ سان نڪرندو هو ۽ ان جا خاص نمبر جن ۾ شيخ اياز نمبر، امر جليل نمبر ۽ نسيم کرل نمبر خاص اهميت رکندڙ آهن. طارق اشرف هن رسالي جا بهترين ايڊيٽوريل لکيا، سهڻي رسالو، طارق جي حياتيءَ تائين نڪرندو رهيو.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.