مواد ڏانھن هلو

اداد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اداد يا ھدد
موسم ، واچوڙن، طوفانن، گاج ۽ برسات جو ديوتا

نئين اشور واري ايمپائر ۾ اشوري(Assyrian) فوجي اداد جو بت کڻندي ڏيکاريل
ٺِڪاڻو آسمان
نشاني کنوڻ، ڍڳو ۽ ببر شينھن
ساٿي شالا (Shala)
ماءُپيءُ انو ۽ ننگال
ڀاء ڀيڻ اتو(Uttu)، انانا (Inana)
ٻچو گبل (Gibil) يا گيرا (Gerra)


اداد : عداد: ADAD:ھدد: ھداد::Hadad:

ميسوپوٽيميا جي علائقن بابل ۽ اڪادي (Babylonian-Akkadian) جي ماڻھن جو وڏو ديوتا جنھن کي ھوائن ء موسم سان منصوب ڪري پوڄيو ويندو هو. ھن ديوتا جي عبادت جو دور 1900 ق. م کان 200 ق.م تائين رھيو . ھن ديوتا جا ٻيو نالو رامن (Ramman) ھيو جنھن جي معني گاج (thunder) ھئي. سميري تهذيب ۾ ھن ديوتا کي اسڪر (ISˇKUR) جي نالي سان پوڄيندا ھيا. اداد کي مڃيندڙن جو مرڪز ڪارا ڪارا (Karakara) ۽ موجوده شام (Syria) جا علائقا اليپو (Aleppo) ۽ ماري (Mari) ھيا. شام ۽ ميسوپوٽيميا ۾ ڪڏھن ڪڏھن ھن ديوتا کي مقدس شادين جي تقريبن ۾ بہ اھميت ڏني ويندي هئي. لفظ اداد سميري (Sumerian) لفظ اسڪر (Isˇkur) جي نموني مان نڪتل آهي.ھي ديوتا آسمان جي سڀ کان طاقتور ديوتا انو (ANU) جو پٽ سمجھيو ويندو ھو.ھن ديوتا کي زرعي زمينن م زندگي بخشيندڙ سمجھيو ويندو ھو پر اڪثر کيس زبردست طوفان جو ديوتا ڪري مڃيو ويندو ھو. اڪادي (Akkadian) ميخي لکت (cuneiform) ۾ اداد لفظ جي معني گھلندڙ ھوا (wind) آھي. ھن ديوتا جو جانور ڍڳو ھو.انساني شڪل ۾ ھن جي پوشاڪ ۾ سڱن وارو مٿي جو پوش ۽ جھالر وارو جبو جنھن ۾ تارن جا نقش ڏيکاريل آھن.ھن جي ھٿ ۾ (ونگ واري ۽ نوڪ واري پاسي کان ٿلھي) تلوار (scimitar) ھوندي ھئي جنھن ۾ پينٿر جي منڍي جڙيل ھوندي ھئي تلوار جي انبوري (pincers) جھڙي نوڪ تي کنوڻ ڏيکاريل ھئي .[1]

زمرو:ديوتا

حوالا

[سنواريو]
  1. {dictionary of GODS AND GODDESSES _second edition _michael jordan_Facts On File, Inc. 132 West 31st Street New York NY 10001}