اخلاق حسنه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اخلاق حسنہ، هيءُ ڪتاب پروفيسر علي نواز حاجن خان جتوئيءَ جو رسول پاڪ جي اخلاق حسنه تي لکيل آهي. هن ڪرائون سائيز ڪتاب جو جلد ڪچو آهي جنهن جو پهريون ڇاپو، آزاد بڪ ڊيپو، حيدرآباد 1957ع ۾ ڇپايو. هن نالي سان ٻه ٻيا ڪتاب به ڇپيل آهن: پهريون ڪتاب خواجه احمد عليءَ ۽ قاضي محمد عليءَ جو لکيل آهي. هن ڊيمي سائيز ڪتاب جو ڪچو جلد آهي، جنهن ۾ 154 صفحا ڏنل آهن. ڇاپو پهريون، قرآن پريس، حيدرآباد مان 1962ع ۾ شايع ٿيو. ٻيو ڪتاب محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو لکيل آهي. هن ڊيمي سائيز ڪتاب جو ڪچو جلد آهي، جنهن ۾ 184 صفحا ڏنل آهن. بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ ائنڊ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن حيدرآباد طرفان، ڇاپو پهريون، اسلاميه پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1962ع ۾ ڇاپيو ويو.[1]

حوالا[سنواريو]