مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

اخلاقي ڊراما

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اخلاقي ڊراما (Moral Plays) انگريزي ڊرامي جي اوسر ۾ معجزاتي ڊرامن کان پوءِ ’اخلاقي ڊراما‘ وڏي اھميت رکن ٿا. ھن قسم جا ڊراما مذھبي ۽ اخلاقي قدرن سان سرشار ھوندا ھئا. ھن قسم جي ڊرامن 15 ۽ 16ع صديءَ ۾ سڄي يورپ ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي، جن ۾ ازل کان انسان جي پنھنجي نفس سان جنگ کي موضوع بڻايو ويندو ھو. ان کان سواءِ نيڪيءَ ۽ بديءَ جي وچ ۾ جنگ بہ ھن قسم جي ڊرامن جو خاص موضوع ھوندو هو. ھي ڊراما جيتوڻيڪ مذھبي نوعيت جا ھوندا ھئا، ان سان گڏ انهن ۾ نصحيت بہ هوندي هئي ۽ تعليمي خيالن، سياسي ۽ سماجي مسئلن ۽ بدعتن تي طنز بہ شامل ھوندي ھئي. اخلاقي ڊرامن انگلينڊ ۾ ان وقت وڌيڪ شھرت حاصل ڪئي، جڏھن ڊرامن ۾ مذھبي پرچار کان وڌيڪ ’اخلاقيات‘ (Morality) تي زور ڏنو ويو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.