احمد ھالائي مخدوم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

احمد بن مخدوم اسحاق، بن مخدوم عمر، بن مخدوم اسماعيل بن عبدالله نو مسلم، جنھن جو اصل نالو ”راجڪمار ارجن بن وريو“ ھو حضرت شيخ الاسلام بھاءُ الدين ذڪريا ملتانيءَ جي ھٿ تي مسلمان ٿيو ۽ سندس اولاد مان مخدوم اسحاق ھالائي ھڪ وڏو ولي ۽ فضائل جو مالڪ ھو ۽ ھن جون ڪرامتون ڳاڻاٽي کان گھڻيون ڄاڻايون وڃن ٿيون. مخدوم احمد ھميشہ خاموش اڪيلائيءَ ۾ گذاريندو ھو ۽ سھروردي طريقي موجب ڪڏھن ڪڏھن سماع ۽ ذڪر جي جماعت ۾ شريڪ ٿيندو ھو. چيو وڃي ٿو تہ آخري ڄمار ۾ ھو نيرون ڪوٽ ۾ آيل ھو، جتي ھڪ سوناري نينگر سماع جي مجلس ۾ نھايت سوز سان ھڪ بيت پڙھيو، جنھنڪري مخدوم صاحب تي اھڙي حالت وارد ٿي جو سندس روح پرواز ڪري ويو، سندس لاش کي ھالا آندو ويو. مخدوم احمد ظاھري علمن جو بہ وڏو عالم ھو. سندس وفات سن 932ھ ۾ ٿي، جڏھن تہ ميان محمد صالح ڀٽي (سندس اولاد مان ھو) جي مطابق سندس وفات 934ھ ۾ ٿي.[1]

حوالا[سنواريو]