مواد ڏانھن هلو

احمد يار خان برلاس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
احمد يار خان برلاس

♛  حڪمراني

ٺٽي جو مغل گورنر

1116ھ کان 1118ھ تائين
پيشرويوسف خان ترين
جانشينڪام بخش
ريجنٽاورنگزيب عالمگير
♙  ذاتي معلومات
☪  مذهب
اسلام

احمد يار خان برلاس (انگريزي: Ahmedyar Khan Barlas)1118ھ ۾ احمد يار خان وفات ڪئي. ھي اورنگزيب عالمگير جي دور جو آخري صوبيدار ھيو[1].

تفصيلي تعارف

[سنواريو]

نواب برلاس قوم مان هو ۽ سندس وڏا لاهور جي علائقي خوشاب ۾ رهندا هئا. نواب جو پيءُ الهه يار خان لاهور ۽ ملتان جو گورنر به رهيو ۽ چاليهن سالن تائين غزني جي فوجدار جي حيثيت ۾ پنهنجا فرض انجام ڏيندو رهيو. نواب احمد يار خان کي عالمگير عهد جي چاليهين سال ٺٽي جي گورنري ملي پر 1118ھ (1707ع) تي عالمگير وفات ڪري ويو ۽ ان جو وڏو پٽ بهادر شاهه اول تخت تي ويٺو. ٺٽي ۾ نواب احمد يار ارڪ قلعي جي اڀرندي دروازي کان هڪ پل عاليجان جي نالي سان ٺهرائي، جيڪا مير علي شير قانع جي دؤر ۾ موجود هئي. تاريخ محمدي مطابق احمد يار خان ستر سالن جي عمر ۾ لاهور ۾ و[1]فات ڪئي.

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي