احمد مجتبيٰ غالب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سنڌي ٻوليءَ جي شاعر ۽ اديب احمد مجتبيٰ ”غالب“ ملڪاڻيءَ، پهرين آگسٽ 1932ع تي ڳوٺ ملڪاڻي شريف، تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتائين، بعد ۾ سنڌيءَ ۾ فائنل پاس ڪري عربي ۽ فارسي ٻوليءَ تي عبور حاصل ڪيائين.

سندس والد مولانا مخدوم غلام محمد ملڪاڻي بہ عالم فاضل شخص هو. اڳتي هلي احمد مجتبيٰ ”غالب“ درگاھ ملڪاڻي شريف جو گادي نشين بڻيو، ننڍپڻ کان ئي کيس شعر لکڻ جو شوق هو ۽ ناميارو شاعر حافظ احسن چنا سندس شعر اصلاح ڪندو هو ۽ سندس استاد بہ هو. ان کان سواءِ محمد بخش ”واصف“ حيدرآبادي بہ سندس رهنمائي ڪندو هو. ادبي ميڙاڪن ۽ مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ سان هن شعر و ادب تي سٺو عبور حاصل ڪيو، اڳتي هلي ”انجمن آفتاب“ ۾ شامل ٿيو ۽ ان جو جنرل سيڪريٽري ٿيو، هُو ”جوهر ادب“ تنظيم جو صدر پڻ رهيو، هن پنهنجي ڪوششن سان ”بزم غالب“ جو بنياد وڌو ۽ ان تحت ڪيترائي مشاعرا ۽ محفلون منعقد ڪرايائين. پيشي جي لحاظ کان استاد هو ۽ استاد طور ئي رٽائر ڪيائين. سندس قرآن پاڪ ۽ ديني تعليم ڏانهن خوب لاڙو هو، 60 کان وڌيڪ ديني موضوعن تي ڪتاب لکيائين، سندس اردو، عربي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب ڇپيل آهن، جن مان ڪجھ اهم هي آهن:

  1. ”شهاب ثاقب“ (سوانح عمري: اردو)،
  2. ”مجموعة الفتويٰ ملڪاڻي“ (عربي)،
  3. ”شجرو مبارڪ برڪات نقشبندي“ ۽
  4. ”ماڪ ڦڙا“ (شاعري).

احمد مجتبيٰ، صاحب فتويٰ بہ هو، دادو شهر ۾ عربي، فارسي ۽ سنڌي ڪتابن جي وڏي لائبريري هيس، جنهن ۾ حضرت غلام محمد ملڪاڻيءَ جا هٿ سان لکيل قلمي نسخا بہ موجود هئا. ملڪاڻي صاحب ڪو بہ اولاد ڪو نہ ٿيو، سندس وفات 21 جنوري 2008ع تي ٿي ۽ کيس پنهنجي والد جي ڀرسان درگاھ ملڪاڻي شريف ۾ دفنايو ويو.[1]

حوالا[سنواريو]