احمد متقي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حاجي احمد متقي درويش قسم جو انسان هو. پاڻ موجوده بينظير آباد/نوابشاھ ضلعي جي قاضي احمد شھر ۾ ڄائو. لنواري شريف جي بزرگن سان عقيدت هوندي هيس. حج بہ ڪيو هئائين. آخري عمر ۾ قاضي احمد ۾ دين جي تبليغ ۾ مشغول هوندو هو. 9 ذوالحج 1223ھ/1808ع ۾ وفات ڪيائين. قاضي احمد شھر ۾ مدفون آهي.[1]

حوالا[سنواريو]