احمد شيخ
ڏيک
احمد ولد نبي بخش شيخ، مئي 1929ع ۾ ڪراچيءَ جي آرام باغ واري علائقي ۾ ڄائو. سندس وڏا اصل علي ڳڙھ جا هئا، جتان ٻه سئو ورهيه اڳ لڏي ڪراچيءَ آيا. 1940ع ۾ ڪراچيءَ مان حيدرآباد شفٽ ٿيا. هن وقت احمد شيخ حيدرآباد جي صدر واري علائقي ۾ رهائش پذير آهي.
خدمتون
[سنواريو]پاڻ 1960ع ۾ هڪ پبلشنگ ادارو ”زيب ادبي مرڪز“ قائم ڪيائين، جنهن تحت 65 کان وڌيڪ ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا اٿس. انهن ڪتابن مان ڪجهه مشهور هيٺيان آهن:
- ”سنڌي نثر جي تاريخ“ (ڊاڪٽر غلام علي الانا)
- ”وڄون وسڻ آيون“ (شيخ اياز)
- ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد“ (ڊاڪٽر غلام علي الانا)
- ”ٻيلاين جا ٻول“ (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)
- ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)
- ”سنڌي ٻولي“ (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)
- رساله اويسيه: مخدوم محمد معين ٺٽوي (اردو ڇاپو)
احمد شيخ پنج درجا انگريزي پڙهيل آهي. هن اها تعليم حيدرآباد جي نورمحمد هاءِ اسڪول مان ورتي. خاڪسار تحريڪ ۾ هڪ ڪارڪن طور ڪم ڪيائين. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ مهاجرن جي آبادڪاريءَ جي سلسلي ۾ هلال احمر جي پليٽ فارم تان به ڪارڪن طور خدمتون سرانجام ڏنائين. پاڻ پبلشر هئڻ سان گڏ بهترين بُڪ بائينڊر به آهي. کيس ٻه فرزند ڊاڪٽر عامر ۽ محمد امين آهن.[1]