احمد سلطان
ڏيک
احمد سلطان هڪ وليءُ الله سڏجي ٿو، جنھن جي نالي تي پراڻي بائيجي (پنوعاقل) ۾ وسيع عريض قبرستان آهي. جنھن جي ايراضي 70 ايڪڙ کن آهي. هتي ابراهيم شاھ ۽ احمد سلطان جا روضا آهن، جيڪي قديم فن اڏاوت جو نادر نمونو آهن. احمد سلطان ذات جو مھر هو، هڪ روايت آهي تہ هي وڏو چور هو. هڪ دفعي شب قدر جي رات مينھن چوري ڪري اچي رهيو هو ته مٿس قادر جو ڪرم ٿيو ۽ ڪا ڏيکاري آيس. ان واقعي بعد هن جي زندگي ئي تبديل ٿي وئي. فقيري اختيار ڪري هتي ئي رهي پيو ۽ هتي ئي دفن ٿيو.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ احمد سلطان، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.