احمد سائين خانڳڙھي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

احمد سائين خانڳڙهي بزرگ ۽ عالم حافظ مولوي عبدالغفار نقشبندي جي گهر تيرهين صدي هجري جي پوئين ڏهاڪي ۾ خان ڳڙھ شريف ۾ پيدا ٿيو. سندس واسطو مهر ذات سان هو. خان ڳڙھ ۾ هڪ پاسي مهرن جي سردار جو مسڪن آهي، ٻئي پاسي حافظ عبدالغفار ۽ احمد سائينءَ جي درگاھ آهي. جتي روزانو ڪئين عقيدتمند اچي حاضري ڀرين ٿا. هن درگاھ جو تعلق ڀرچونڊي شريف سان آهي. احمد خانڳڙهي 1325ھ/ 1907ع ۾ درگاھ جو سجاده نشين ٿيو. طريقت ۾ رندانا مشرب اختيار ڪيائين. احمد سائين گهڻو ئي ڪلام چيو آهي جنهن ۾ مولود، سي حرفيون ۽ ڪافيون شامل آهن. سندس شاعريءَ جا ٻہ ڪتاب بہ شايع ٿيل آهن. احمد سائين 23 شوال سن 1353ھ/1935ع ۾ وفات ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]