احمد خان گويو
ڏيک
احمد خان گائڪ استاد شادي خان جو وڏو پٽ هو. استاد گامڻ خان ۽ استاد ڪريم بخش خان سندس ڀائر هئا، جيڪي پنھنجي دؤر جا ناميارا ڳائڻا ٿي گذريا آهن. استاد احمد خان، ’ڌرپد‘ ۽ ’ٽپا‘ ڳائيندو هو، ليڪن بعد ۾ هن ’خيال‘ جي گائڪي پڻ شروع ڪئي. نيپال جي راجا جي دعوت تي سندس درٻار ۾ ڳائيندو رهيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ احمد خان گويو : (Sindhianaسنڌيانا), اصل نسخو مان 2016-04-12 تي محفوظ ڪيل, 2016-05-21 تي حاصل ڪيل