اجن فقير ڏيرو
ڏيک
اجن فقير ڏيرو شاھ لطيف جي ننڍپڻ جو ساٿي ھو، جنھن سان شاھ صاحب ننڍي هوندي رانديون ڪيون. اُن وقت شاھ صاحب گنباٽ لڳ پنھنجي گهرواري ڳوٺڙي ۾ رهندو هو، جنھن جو دائرو گنباٽ واري جُوءِ تائين وسيع هو. شاھ صاحب جي والده ’ڏيرا‘ ذات مان هئي. ان وقت لطيف سائينءَ جي اچ وڃ سندس والده جي ڀيڻ يعني سندس ماسيءَ ۽ ٻين عزيزن جي گهرن تائين ۽ گنباٽ واري تر ۾ ڏيرن فقيرن جي راڄن ڳوٺن ۾ ٿيندي هئي. اجن فقير ڏيرو وڏي هوندي سندس پيارو فقير ۽ حاضريءَ جو فقير بڻيو.[1]