اتم سنگهه نک (چچڙا)
ڏيک
اتم سنگهہ نک (چچڙا) اصل حيدرآباد جي لالواڻي ديوانن جا سئوٽ ليکبيا هئا ۽ پاڻ کي سڏائيندا ئي لالواڻي هئا، بلڪہ گهر بہ لالواڻي گهٽيءَ ۾ هوندا هئن. نک بہ ساڳي لالواڻين واري اٿن. 1915ع ڌاري معلوم ٿيو تہ لالواڻين جي شجري ۾ سندن آڪھ جو نالو بہ ڪونهي ۽ سندن پيڙهي ٻين لالواڻين سان لڳيئي نہ ٿي. انهيءَ وقت کان هو پنھنجي پتا ديوان اُتم سنگهہ جي نالي پٺيان پاڻ کي سڏائڻ لڳا.
ديوان اُتم سنگهہ کي نوَ پٽ هئا، ماستر عيدن مل، ديوان وزير مل سب جج، ماستر ڪشنچند ۽ ٻيا. سندن اولاد بہ پاڻ کي ”اُتم سنگهہ“ سڏائيندو اچي. ساڳيءَ ريت ديوان روچيرام جي آڪھ وارا پاڻ کي لالواڻي سڏائيندا هئا. انهن جي پيڙهي بہ لالواڻين جي وڏي ڏاڏي لالچند تائين ڇڪجي نہ ٿي سگهي، تنھن ڪري هو پاڻ کي ”گرڌاري ملاڻي“ سڏائين ٿا.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "اُتم سنگهه نک : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2024-06-10.