مواد ڏانھن هلو

ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابوالقاسم ٺٽي جو شاعر ۽ عالم ٿي گذريو آهي. نقشبندي طريقي سان واسطو رکندو هو. هن جو پورو نالو سيد ابوالقاسم سراج الدين محمد ولد مير ولي هو. هو 1138ھ/1725ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو. شڪر الله جي خاندان مان هجڻ ڪري کيس ابوالقاسم شڪر الاهي سڏيو ويندو هو. هو ٻارهن ورهين جو هو تہ سندس پيءُ فوت ٿي ويو. ٺٽو تنھن زماني ۾ علم ۽ ادب جو مرڪز هو، ان ڪري ابوالقاسم بہ شعر چوڻ لڳو. سنڌ جي تاريخ بابت لکيل مشھور ڪتاب ’تحفته الڪرام‘ جو ليکڪ مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي، سندس همعصر هو. ميان مرادياب خان ڪلهوڙو جڏهن سنڌ جي تخت تي ويٺو تہ ٻنهي نعتيہ ڪلام چيو، جيڪو تاريخ متعلق هو. سيد ابوالقاسم شڪر الاهي ”مقالات الشعراءَ“ جي لکجڻ، يعني سن 1169ھ تائين زنده هو. هي صاحب شايد انهيءَ صديءَ جي آخر يا 13 صدي هجري جي اوائل ۾ رحلت ڪري ويو.[1]

حوالا

[سنواريو]