ابو الحسن جي سنڌي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

'ابو الحسن جي سنڌي مخدوم ابوالحسن ولد عبدالعزيز جي فقه جي موضوع تي (نماز، روزي، وضو وغيره جي مسئلن بابت) تصنيف، جنهن جو اصل نالو ’مقدمة الصلواة‘ آهي. اصل ۾ قلمي مخطوطو هو، جنهن کي پروفيسر خديجه بلوچ پهريون ڀيرو ايڊٽ ڪيو، ۽ سنڌي ٻوليءَ اٿارٽيءَ 1993ع ۾ ڇپايو. ڪتاب جو ملهه پنجاهه رپيا آهي. فضلي سنز (پرائيويٽ) لميٽيڊ ڪراچيءَ جي پريس مان ڇپيو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ابو الحسن جي سنڌي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين) جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع