ابوظهبي فنڊ فار عرب ڊولپمينٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ابوظھبي فنڊ فار ڊولپمينٽ
تشڪيل 1971؛ 53 سال اَڳُ (1971)
نوعيت غيرملڪي امداد واري ايجنسي
مقصد معاشي ۽ معاشرتي ترقي
مقام ابو ظھبي متحده عرب امارات
چيئرمين
منصور بن زيد النھيان
ويب سائٽ https://www.adfd.ae/english/Pages/Home.aspx

ابو ظھبي فنڊ فار ڊولپمينٽ.__ Abu Dhabi Fund for Development (ADFD) ابوظهبي جي حڪومت طرفان قائم ڪيل فنڊ، جيڪو آفريقا ، عرب ۽ ايشيا جي اُسرندڙ ملڪن ۾ سيڙپڪاريءَ ۽ رعايتي قرضن جي فراهميءَ ذريعي انهن ملڪن جي معاشي ۽ سماجي ترقيءَ کي هٿي وٺرائي ٿو. انهيءَ سلسلي ۾ خانگي ادارن ۽ حڪومتن کي امداد ۽ ڏيتي ليتيءَ جي مُوڙيءَ Equity لاءِ گهربل رقم ڏني وڃي ٿي . اهو فنڊ جولاءِ 1971ع ۾ قائم ڪيو ويو، جڏهن ته انهيءَ فنڊ سيپٽمبر 1974ع کان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هن مهل تائين ADFD طرفان 50 ملڪن جي سهائتا ڪئي وئي آهي . انهيءَ اداري جو مرڪز ابوظهبي ۾ آهي. تازو ئي فنڊ طرفان سُوڊان ۾ 70000 ايڪڙ زرعي زمين خريد ڪري ، اُتي مرچن ، مڪئي ۽ جانورن جي چاري جا فصل اپائڻ جون رٿائون تيار ڪيون ويون آهن[1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب: بين الاقوامي تعلقات جي لغت ؛ مرتب: انعام شيخ؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
Mansour bin Zayed Nahyan