ابوجھل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ابوجھل
(عربي ۾: عمرو بن هشام بن المغيرة المخزومي القرشي الكناني (أبو جهل) خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
معلومات شخصيت
ڄم دهائي 570ء  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
مڪو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 17 مارچ 624  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
عسڪري خدمتون
لڙائيون ۽ جنگيون بدر جي جنگ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو conflict (P607) وڪي ڊيٽا تي
عمرو بن ھشام
ابوالحڪم (مسلمانن کيس طنز ۾ ابوجھل جو لقب ڏنو)
المدينة.jpg
ابولھب جي غلطفھمي ۾ کيس نبي صہ جو چاچو سمجھيو ويندو آھي درحقيقت ابولھب ۽ ابوجھل ٻن مختلف قبيلن سان تعلق رکندڙ الڳ شخص آھن
جيون ساٿي بنت عمير بن معبد بن زرارة
نسل
  • زرارة بن أبي جهل
  • تممي بن أبي جهل
  • صحابي عكرمة بن أبي جهل
مڪمل نالو
عمرو بن هشام بن المغيرة بن عبد الله بن عمر بن مخزوم 
خاندان قريش جي بنو مخزوم قبيلي مان هو
والد ھشام بن مغيرہ بن عبد الله بن عمر بن مخزوم بن يقظة بن مرة بن كعب بن لؤي بن غالب بنفهر بن مالك بن النضر بن كنانة بن خزيمة بن مدركة بن إلياس بن مضر بن نزار بن معد بن عدنان.
والده أسماء بنت مخربة بن جندل بن أبير بن نهشل بندارم بن مالك بن حنظلة بن زيد مناة بن تميم بن مر بن إد بن طابخة بن إلياس.  (قريش جي بنو تميم قبيلي جي عورت ھئي)
پيدائش سن 572 عيسوي سن 52 ق.ھ.
مڪو
وفات 2 ھ سن 624 عيسوي ۾ بدر جي جنگ دوران
بدر جو ميدان
تدفين بدر جي ميدان لڳ اجتماعي قبرن ۾ ٻين ساٿين سميت
مذھب بت پرستي وارو

ابو جهل نسبت ۾ پاڻ سڳورن جو چاچو هو. سندس اصل نالو عمرو -بن- هشام -بن- المغيره ۽ ڪنيت ”ابوالحڪم“ هئي. قريش قبيلي جي مشهور بنو مخزوم خاندان سان تعلق رکندو هو.

احوال زندگي[سنواريو]

سندس والده جو نالو ”ام الجلاس اسما بنت مخربته“ هو. عرب ۾ قريش جو هي قبيلو نهايت ممتاز ليکيو ويندو هو. قصي -بن- ڪلاب کان پهريائين قريش جا اختيار هن قبيلي جي هٿ هيٺ هئا. ابو جهل 570ع ڌاري ڄائو. سندس ماءُ مسلمان ٿي ۽ 14 هه / 635ع کان پوءِ به حيات هئي. هجرت کان ڪجهه عرصو اڳ -ابوجهل-، الوليد -بن- المغيره جي جاءِ تي بنو مخزوم ۽ -ان- جي مددگار قبيلي جو سردار هو. الوليد جي مقابلي ۾ -ابوجهل-، پاڻ سڳورن حضرت محمد صلي -الله- عليه وسلم -جن- جو وڏو دشمن هو، انهيءَ لحاظ کان -اسلام- جي سخت -ترين- دشمنن مان هو ۽ نهايت ئي گمراهيءَ جي راهه تي گامزن هو. اهو ئي سبب هو جو کيس ”-ابوجهل-“ (جهالت، نادانيءَ جو ابو) سڏيو ويو، هي پڇاڙيءَ تائين مسلمان نه ٿيو. هڪ دفعي پاڻ سڳورا صه صفا ۾ موجود هئا. -ابوجهل- به اتي اچي پهتو ۽ رسول خدا صلي -الله- عليه وسلم کي (نعوذ باالله) گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو. ايتري قدر جو -اسلام- تي وڏي واڪي ٺٺوليون شروع ڪيائين. پاڻ سڳورن کيس جواب ۾ هڪ لفظ به نه چيو. عبدالله -بن- جدمان التميميءَ جي آزاد ڪيل ٻانهيءَ، صفا ۾ پنهنجي جاءِ ۾ ويٺي اهو رنگ ڏٺو. -ابوجهل- ته واپس هليو ويو، -ٿوري- دير بعد پاڻ سڳورن صلي -الله- عليه وسلم -جن- جو چاچو -امير- حمزورضه شڪار -تان- واپس ٿيندي، ڪمان ڪلهي تي رکيو، اتان لانگهائو ٿيو، نهايت دلير، باهمت ۽ طاقتور هو. قريش ۾ سندس وڏو ڌاڪو هو. جڏهن انهيءَ ٻانهيءَ جي گهر وٽ پهتو ته ٻانهيءَ رڙ ڪري چيس ته ”اي ابو عماره! ڪاش! توهان -ٿورو- اڳ اچو ها! ابو الحڪم (ابو جهل) توهان جي ڀائٽي محمد صلي -الله- عليه وسلم سان گستاخي پئي ڪئي، مگر محمد صلي -الله- عليه وسلم اف به نه چيس.“ امير حمزهرضه اهو -ٻڌي- غصي ۾ اچي ويو. پوءِ تڪڙي وک وڌائي، ڪعبة -الله- شريف ۾ داخل ٿيو. جيئن ئي سندس نظر -ابوجهل- تي پئي ته سڌو وٽس پهچي، ڪمان سان مٿي تي زوردار ڌڪ هنيائينس. -ابوجهل- رتوڇاڻ ٿي پيو. پوءِ -ابوجهل- جا موجود ساٿي جهيڙي لاءِ اٿي بيٺا، مگر -ابوجهل- پنهنجو ڏوهه باسيو، تنهن بعد ماٺار ٿي. ابوجهل -بدر جي جنگ- ۾ هڪ نوجوان مسلمان جي هٿان -تاريخ- 2 رمضان المبارڪ سن 2هه مطابق مارچ 624ع تي مارجي ويو. حضرت بيبي عائشه الصديقه رضه کان روايت آهي ته ”پاڻ سڳورن صلي -الله- عليه وسلم جي ارشاد مطابق مشرڪن (ڪافرن) جي لاشن کي کوهه ۾ ڦٽو ڪيو ويو“. اهڙيءَ طرح ڪافرن جا سرڪرده عتبه -بن- ربيع، شيبه -بن- ربيع، اميه -بن- خلف ۽ -ابوجهل- -بن- هشام کوهه ۾ اڇلايا ويا. حضرت انس -بن- مالڪ کان روايت آهي ته: -اصحاب- سڳورن، پاڻ سڳورن صلي -الله- عليه وسلم -جن- کان آڌيءَ رات اهو آواز ٻڌو ”اي کوهه ۾ اڇلايل! جيڪو وعدو توهان جي رب توهان سان ڪيو هو، اهو توهان پورو ڏٺو. بيشڪ اهو سچو وعدو هو، جيڪو مون سان -الله- تعاليٰ ڪيو هو! -ان- تي -اصحاب- سڳورن کين عرض ڪيو ته يا رسول -الله- صه، توهان اهڙن لاشن سان ڳالهائي رهيا آهيو، جيڪي ڳري سڙي ويا آهن! -ان- تي پاڻ فرمايائون ته ”جيڪو ڪجهه مان چئي رهيو آهيان، اهي توهان کان وڌيڪ چٽو -ٻڌي- رهيا آهن، البته انهن ۾ جواب ڏيڻ جي طاقت باقي نه رهي آهي“. ابوجهل ٻه شاديون ڪيون، ام مجالد مان حضرت عڪرمرضه، پيدا ٿيو ۽ اروي مان ٻه ڌيئر بريهرضه ۽ حنفارضه ٿيون. اهي ٽئي پوءِ مسلمان ٿيا. ابوجهل/عمرو -بن- هشام علمي حوالي سان وڏو ڄاڻو هو، هن جا عربيءَ ۾ قصيدا ملن ٿا، جيڪي گنگارام سمراٽ پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنا آهن. پر راهه راست تي نه اچڻ سبب سندس نالو ’-ابوجهل-‘ (جهل جو ابو) -اسلامي تاريخ- ۾ رقم ٿي چڪو آهي.[1]

ڪجھ تاريخي حقيقتون[سنواريو]

مڪي شھر ۾ ھڪ ادارو دارالندوہ جي نالي سان قائم ھيو جيڪا مڪي جي بزرگن جي مشاورتي ڪائونسل ھئي جنھن لاء لازم ھيو تہ ڪائونسل جو رڪن پنجاھ سالن جي عمر کان گھٽ نہ ھجي، پر عمرو بن ھشام يا امر بن ھشام کي سندس غير معمولي ذھانت ۽ مشاورتي سنجيدگيءَ جي ڪري پنجويهه سالن جي عمر ۾ رڪنيت ڏني وئي. [2] حديثن ۾ ھڪ متفقہ روايت آھي تہ مڪي واري زندگي دوران جڏهن مسلمانن تي سختيون وڌي ويون ھيون تہ مدد لاءِ پيغمبر صلي الله عليه وسلم جن دعا گھري ھئي تہ عمرو بن ھشام يا عمر بن خطاب مان ڪو ھڪ مسلمان ٿئي. دعا ۾ عمرو بن ھشام جي چونڊ ان جي شخصيت ۽ مڪي ۾ اھميت کي ظاھر ڪري ٿي.

حوالا[سنواريو]

  1. ابوجهل : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. {عربي وڪيپيڊيا جو صفحو:أبو جهل:("دار الندوة لا يجتمع فيها إلا حكماء قريش وشيوخها الذين تجاوزوا الخمسين من أعمارهم. ولأن عمرو بن هشام كان حكيما وذا رأي سديد; دخل دار الندوة وهو لا يزال في الخامسة والعشرين من عمره، لذلك سمي أبا الحكم.")}