ابوبڪر محمد بن ذڪريا الرازي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
The statue of Razi in United Nations Office in Vienna is part of the "Scholars Pavilion" donated by Iran

ابوبڪر محمد بن ذڪريا الرازي (854ع کان 925ع) ۾ تهران واري پاسي هڪ ڳوٺ ريَ (Ray) ۾ پيدا ٿيو ۽ پنهنجي وقت جو هڪ وڏو طبيب هو. ابوبڪر محمد ابن ذڪريا الرازي (Abu Bakur Muhammad ibn Zakariya al-Razi) ٻه سئو کان وڌيڪ ڪتاب لکيا. طب کان سواءِ ڪيميا ۽ فلاسافيءَ ۾ به تحقيق ڪري ڪتاب لکيائين. البيروني پنهنجي ڪتاب رساله في فهرست ڪتب الرزاي ۾ الرازي جي انهن ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي، مذهب جي مخالفت ۽ الحاد جي حق ۾ لکيا هئا. في النبوت (Fī al-Nubuwwat) ۽ (Fi Ḥiyal al-Mutanabbin - On the Tricks of False Prophets) ... الرازي جي ڪتاب جي باري ۾ لکي ٿو ته اهي ڪتاب نبوت جي رد ۾ لکيل آهي.

ابو ريحان البيروني کان سواءِ بوعلي سينا به الرازي جي ملحڊاڻن خيالن تي تنقيد ڪئي آهي ۽ لکيو آهي ته الرازي جون طب ۽ ڪيميا ۾ ڪيل ڪم قدر جوڳو آهي, پر اسين سندس ملحداڻن (Atheist) خيالن کي رد ڪيون ٿا.

افسوس جو الرازي جا ذڪر ڪيل الحاد وارا تڪراري ڪتاب هاڻ موجود ناهن. خيال اهو ئي آهي ته سندس ڪتاب ساڙائي ڇڏيا ويا. هاڻي سندس ڪتابن ۽ لکڻين جو ذڪر رڳو سندس دور جي ليکڪن جي ڪتابن ۾ ملي ٿو. [1]