ابروگيشن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابروگيشن يا منسوخي (Abrogation) جڏهن ڪنھن ملڪ جو آئين، عوامي حمايت يا اڪثريتي مڃتا وڃائي ٿو، تڏهن ملڪ جي حڪومت ان کي منسوخ ڪري ٻيو آئين نافذ ڪندي آهي. ان کان سواءِ ٻن يا وڌيڪ ملڪن جي وچ ۾ رائج معاهدي يا ٺاھ کان ڪو هڪ يا مڙئي ملڪ الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪن، تہ معاهدي يا ٺاھ کي رد سمجهيو ويندو. هيءُ اصطلاح سياسيات جي علم Political Science ۽ ڏيھان-ڏيھي ناتن International Relations ۾ عام طور استعمال ٿئي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: بين الاقوامي تعلقات جي لغت؛ مرتب: انعام شيخ؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.