ابرق

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ھڪ قسم جي معدني پيدائش، جيڪا جبلن مان کوٽي ڪڍندا آھن، -ابرق- گھڻو ڪري پاري ۽ گندرف جي کاڻين مان لڀندو آھي. چلڪيدار ٿيندو آھي . -ابرق- جا اڇا ڪارا -ٽڪر- ٿيندا آھن ۽ -ان- کي باھ نه ساڙيندي آھي. ابرق جا ورق شربت ۾ وجھبا آھن ۽ مٺائيءَ جي مٿان سونهن لاءِ به رکبا آھن، -ابرق- کي ڪُٽي چورو ڪري ڪپڙي تي ڇر ۽ کؤنر سان لڳائبو آھي. جنھن کي ’ڀورل‘ ۽ ’ڌمڪ‘ چون ٿا. رَون تي پڻ -ابرڪ- جي چمڪ جي ڇٽڪار ڪندا آھن، جنھن کي ’بُونديءَ ڇٽ‘ چئبو آھي. سونھن سينگار لاءِ به وارن ۾ -ابرق- ھڻبو آھي، جنھن کي ’زيڪ‘ چوندا آھن. ابرق جي سنھن پردن تي زيورن جا تھه رکي سونارا ڪم ڪندا آھن. شيشي جي ٻڙن ۽ نگن کي زيور تي لڳائڻ کان اڳ -ابرق- جو تھه ڏيندا آھن. -ابرق- سونارڪي ڌنڌي ۾ ڄڻ -اوزار- جو ڪم ڏيندو آھي. حڪيمن وٽ طبي لحاظ کان -ابرق- بواسير، سيني ۽ جگر جي بيمارين لاءِ مفيد آھي، -ان- کي ماري، ڪشتو ڪري، استعمال ڪندا آھن. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%A8%D8%B1%D9%82 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ويب سائيٽ