ابدالي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابدالي پٺاڻن جو هڪ قبيلو جيڪو اڳ ابدالي جي نالي سان مشهور هو. ابدالي قبيلي جا چار پاڙا (محمد زئي، فاضل زئي، بارڪ زئي ۽ آلڪ زئي) آهن، پر هاڻي ابدالي دراني جي نالي سان مشهور آهن. ابدالي قنڌار جي علائقي جا رهاڪو هئا، جيڪي پوءِ هرات هليا ويا. اهو شاهه عباس اول جو دور هو، ان هنن جي هڪ سردار سدو کي ”امير افغانه“ جو لقب ڏنو ان ڪري هي سدوزئي مشهور ٿيا. نادر شاهه افشار، ابدالين کي زير ڪري ورتو، پر انهن سان سختي نه ڪيائين.[1]

حوالا[سنواريو]