ائٽلس (ڪردار)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ائٽلس Atlas يوناني ديومالا جو هڪ طاقتور ڪردار جيڪو ڌرتيءَ جي گولي کي ڪلهي تي کڻي بيٺل ڏيکاريو ويندو آهي. هن کي ڌرتيءَ جي علمن جي ڄاڻ هئي، کيس سمنڊ جي اونهاين جي خبر هئي، زمين ۽ -آسمان- کي ڌار رکندڙ ٿنڀن جو سنڀاليندڙ هو. هي ديوتا Iapetus ۽ Cymene جو پُٽ ۽ پروميٿيس Prometheus جو -ڀاءُ- هو. ڪٿا موجب -ائٽلس- ڪنهن موقعي تي ديوتائن جي ديوتا زيوس Zeus جي حڪم جي نافرماني ڪئي هئي، جنهنڪري هن کي سزا طور زمين ڪلهي تي کڻي بيهڻ جو حڪم مليو. پروميٿس جي التجا تي هن جي سزا معاف ٿي, پر کيس -پٿر- بنايو ويو. -اتر- آفريڪا جو -ائٽلس- -جبل- -ان- جي نالي سان منسوب آهي. -ان- ئي حوالي سان جڏهن سورهين صديءَ ۾ ڌرتيءَ جا نقشا وغيره ٺهڻ لڳا ته انهن کي ’-ائٽلس-‘ چوڻ شروع ڪيائون. هاڻي نقشن جي ڪتاب کي به -ائٽلس- Atlas چئبو آهي.[1]