ائٽلس جاگرافي (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اسڪولن ۾ جاگرافيءَ جي سکيا به لازمي هوندي هئي، تنهنڪري سنڌ جي سڀني تعلقن، ضلعن، صوبي، هندستان، يورپ ۽ دنيا جي جاگرافيءَ تي مختلف مصنفن ڪتاب لکيا، جيڪي اسڪولن ۾ رائج هئا. هتي ”ائٽلس جاگرافي“ جي عنوان سان دستياب ڇپيل آڳاٽا ڪتابڙا ڏجن ٿا:

ائٽلس جاگرافي[سنواريو]

هيءُ ڪتاب جڳتراءِ ايسرداس شوداساڻيءَ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 72 صفحا آهن ۽ قيمت 6 آنا ڄاڻايل آهي. هيءُ ڪتاب، ڀائيبند پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1937ع ۾ ڇپايو.

ائٽلس جاگرافي[سنواريو]

هيءُ ڪتاب مولچند وشنداس جو لکيل آهي. هن ۾ 57 صفحا آهن ۽ قيمت 6 آنا ڄاڻايل آهي. مصنف هيءُ ڪتاب سال 1938ع ۾ ڇپايو.

ائٽلس جاگرافي[سنواريو]

هيءُ ڪتاب خوشيرام چوئٿرام جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 32 صفحا آهن ۽ قيمت 2 آنا ڄاڻايل آهي. ماستر ويڙهي مل، هيءُ ڪتاب چندن اليڪٽرڪ پرنٽنگ ورڪس، حيدرآباد مان سال 1940ع ۾ ڇپايو.

ائٽلس جاگرافي[سنواريو]

هيءُ ڪتاب غلام حسين لعل بخش خان رند جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 20 صفحا آهن ۽ قيمت 2 آنا 9 پايون ڄاڻايل آهي. هن ڪتاب جو ڇاپو ٻيو، پاپولر پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1941ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، ڪرائون پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان 1942ع ۾ ڇپيو، جنهن جي قيمت 3 آنا ڄاڻايل آهي. هن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو، هيمنداس ڄيٺانند، تاج محل پريس، حيدرآباد مان 1943ع ۾ ڇپايو. هن ڇاپي ۾ 33 صفحا آهن ۽ قيمت 4 آنا رکيل آهي.

ائٽلس جاگرافي[سنواريو]

هيءُ ڪتاب ڪنيا لعل. ڊي شنگراڻيءَ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 50 صفحا آهن ۽ قيمت 5 آنا ڄاڻايل آهي. مصنف هيءُ ڪتاب، سنڌ پرنٽنگ پريس، شڪارپور مان سال 1941ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. سنڌي درجي ٽئين کان تعلقي جي جاگرافيءَ جي سکيا ڏني ويندي هئي، انهيءَ ڪري سنڌ جي سڀني تعلقن لاءِ جاگرافيءَ جا ڪتاب لکيا ويا هئا. انهن مان ڪن تعلقن ۽ ضلعن جا دستياب ڪتابڙا هتي ڏجن ٿا:

ائٽلس جاگرافي تعلقو رتوديرو[سنواريو]

هيءُ ڪتاب علي خان ۽ سندس ساٿين جو لکيل آهي. قيمت 5 آنا ڄاڻايل آهي. پهريون ڇاپو، ويڙهي مل سال 1930ع ۾ ڇپايو.

ائٽلس جاگرافي تعلقو سکر[سنواريو]

هيءُ ڪتاب هرچند سنگهه پرسواڻيءَ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 36 صفحا آهن. قيمت ٻه آنا ڇهه پايون ڄاڻايل آهي. ميول سنگهه جي پرسواڻيءَ هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو، ديوي پرنٽنگ پريس، شڪارپور مان سال 1936ع ۾ ڇپايو.

ائٽلس جاگرافي تعلقو قنبر[سنواريو]

هيءُ ڪتاب علي خان ۽ سندس ساٿين جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 56 صفحا آهن ۽ قيمت 5 آنا ڄاڻايل آهي. ويڙهي مل کٽڻمل، هيءُ ڪتاب، خيرخواه پريس، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو.

ائٽلس جاگرافي تعلقو ڪنڊيارو[سنواريو]

هيءُ ڪتاب موهنداس چوهڙمل جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 34 صفحا آهن ۽ قيمت 4 آنا ڄاڻايل آهي. ٽيون ڇاپو مصنف، ڏاسواڻي پرنٽنگ پريس، نوابشاهه مان سال 1936ع ۾ ڇپايو.

ائٽلس جاگرافي تعلقو لاڙڪاڻو[سنواريو]

هيءُ ڪتاب جڳتراءِ ايسرداس شوداساڻيءَ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 80 صفحا آهن ۽ قيمت 7 آنا ڄاڻايل آهي. ويڙهي مل کٽڻمل بوڪ سيلر، شيوا جي پرنٽنگ پريس، لاڙڪاڻي مان سال 1942ع ۾ ڇپايو.

ائٽلس جاگرافي ضلعو بدين[سنواريو]

هيءُ ڪتاب محمد صديق مسافر جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي، جنهن ۾ 32 صفحا آهن ۽ قيمت 6 آنا ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، اسٽئنڊرڊ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1953ع ۾ شايع ڪيو.

ائٽلس جاگرافي ضلعو ٺٽو[سنواريو]

هيءُ ڪتاب محمد حاجي عبدالله پليجي جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي، جنهن ۾ 30 صفحا آهن ۽ قيمت 8 آنا ڄاڻايل آهي. ڇاپو ٻيو، آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد سال 1956ع ۾ ڇپايو.

ائٽلس جاگرافي ضلعو حيدرآباد[سنواريو]

هيءُ ڪتاب مدن لال پوڪرداس جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 40 صفحا آهن، ۽ قيمت 6 آنا ڄاڻايل آهي. ٽيون ڇاپو مصنف، چندن پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1941ع ۾ ڇپرايو. هن ڪتاب جو پنجون ڇاپو، ڪرائون پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان 1944ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ 56 صفحا آهن، ۽ قيمت 8 آنا ڄاڻايل آهي. هن ڪتاب جو ڇهون ڇاپو، مسلم ادبي پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان 1946ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جو اٺون ڇاپو به مسلم ادبي پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان 1947ع ۾ ڇپيو ۽ نائون ڇاپو به ساڳيءَ پريس، مان ساڳئي سال ۾ ڇپيو.

ائٽلس جاگرافي ضلعو دادو[سنواريو]

هيءُ ڪتاب جان محمد علي محمد قريشيءَ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي، جنهن ۾ 64 صفحا آهن. ڇاپو پهريون، آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، آفتاب پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1951ع ۾ ڇپايو.

ائٽلس جاگرافي ضلعو سرحد[سنواريو]

هيءُ ڪتاب ڪنيا لعل. ڊي شنگراڻيءَ جو لکيل آهي، جنهن ۾ سنڌ جي سرحدي ضلعي (موجوده جيڪب آباد) جو ذڪر آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 80 صفحا آهن، ۽ قيمت 6 آنا 6 پايون ڄاڻايل آهي. مصنف هن ڪتاب جو ڇاپو ٽيون رام پرنٽنگ پريس، شڪارپور مان سال 1943ع ۾ ڇپايو.

ائٽلس جاگرافي ضلعو سکر[سنواريو]

هيءُ ڪتاب هرچند سنگهه. جي پرسواڻيءَ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 64 صفحا آهن ۽ قيمت 5 آنا ڄاڻايل آهي. مصنف هيءُ ڪتاب لڄپال پرنٽنگ پريس، شڪارپور مان سال 1935ع ۾ ڇپايو هو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، ديوي پرنٽنگ پريس، شڪارپور مان 1936ع ۾ ڇپيو.

ائٽلس جاگرافي ضلعو سکر[سنواريو]

هيءُ ڪتاب آر. ايس بولا جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 32 صفحا آهن ۽ قيمت 2 آنا آهي. مصنف هيءُ ڪتاب، سنڌ پرنٽنگ پريس، شڪارپور مان سال 1941ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.

ائٽلس جاگرافي ضلعو لاڙڪاڻو[سنواريو]

هيءُ ڪتاب ويڙهي مل کٽڻمل جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 70 صفحا آهن ۽ قيمت 7 آنا ڄاڻايل آهي. مصنف هيءُ ڪتاب سال 1943ع ۾ ڇپايو.

ائٽلس جاگرافي ضلعو لاڙڪاڻو[سنواريو]

هيءُ ڪتاب جڳتراءِ ايسرداس شوداساڻيءَ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 74 صفحا آهن. ۽ قيمت 7 آنا ڄاڻايل آهي. ويڙهي مل کٽڻ مل، هيءُ ڪتاب سال 1939ع ۾ ڇپايو. هُن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، 1947ع ۾ ڇپيو. پريس ڄاڻايل ناهي.


سنڌ، هندستان، يورپ ۽ دنيا جي جاگرافيءَ بابت لکيل ڪتابن جو تفصيل هيٺينءَ طرح آهي:

ائٽلس جاگرافي سنڌ[سنواريو]

هيءُ ڪتاب محمد صديق ميمڻ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 123 صفحا آهن ۽ قيمت 11 آنا ڄاڻايل آهي. ڇاپو چوٿون، محمد صديق ۽ جڳتراءِ ايسرداس اسٽئنڊرڊ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1931ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو 1934ع وارو ڇاپو، مصنف خود، مسلم ادبي پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان ڇپايو، جنهن ۾ 150 صفحا آهن. هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو، مصنف خود، 1936ع ۾ مسلم ادبي پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان ڇپايو. هن ڪتاب جو ڇهون ڇاپو، حيدرآباد پرنٽنگ پريس، حيدراباد مان 1938ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جو نائون ڇاپو، پوڪرداس ائنڊ سنز، نئشنل پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان 1940ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو ڏهون ڇاپو، محمد صديق محمد يوسف، چندن اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان 1941ع ۾ ڇپايو.

ائٽلس جاگرافي سنڌ[سنواريو]

هيءُ ڪتاب محمد صديق ميمڻ جو لکيل آهي. هن ڪرائون سائيز ڪتاب ۾ 80 صفحا آهن ۽ قيمت 9 آنا ڇهه پايون ڄاڻايل آهي. محمد صديق ۽ جڳتراءِ ايسرداس هيءُ ڪتاب، چندن پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1944ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، مسلم ادبي پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1945ع ۾ ڇپيو. ڪتاب جو ٽيون ڇاپو به مسلم ادبي پريس، حيدرآباد مان 1946ع ۾ ڇپيو.

ائٽلس جاگرافي سنڌ[سنواريو]

هيءُ ڪتاب جڳتراءِ ايسرداس شوداساڻيءَ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي، جنهن ۾ 83 صفحا آهن ۽ قيمت 9 آنا 6 پايون ڄاڻايل آهي. اُن جو ڇاپو ٽيون، مدن لال پوڪرداس، مسلم ادبي پريس، حيدرآباد مان 1947ع ۾ ڇپايو.

ائٽلس جاگرافي دنيا (ڪتاب )[سنواريو]

هيءُ ڪتاب جڳتراءِ ايسرداس شوداساڻيءَ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 356 صفحا آهن ۽ قيمت 14 آنا ڄاڻايل آهي. جڳتراءِ ايسرداس شوداساڻيءَ ۽ ڌرمداس ٺارومل رچنداڻيءَ هن ڪتاب جو ڇاپو ڏهون، چندن پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1945ع ۾ ڇپايو.

ائٽلس جاگرافي هندستان (ڪتاب )[سنواريو]

هيءُ ڪتاب جڳتراءِ ايسرداس شوداساڻيءَ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 123 صفحا آهن ۽ قيمت 12 آنا ڄاڻايل آهي. موتي اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1931ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، ساڳيءَ پريس مان 1934ع ۾ ڇپيو.

ائٽلس جاگرافي يورپ کنڊ (ڪتاب )[سنواريو]

هيءُ ڪتاب جڳتراءِ ايسرداس شوداساڻيءَ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 100 صفحا آهن ۽ قيمت 12 آنا ڄاڻايل آهي. جي. اي. شوداساڻيءَ ۽ ڊي. ٽي ميرچنداڻيءَ، هيءُ ڪتاب بلئوٽسڪي پريس، حيدرآباد مان سال 1926ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، 1932ع ۾ موتي اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان ڇپيو.[1]