آ پوسٽريوري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آ پوسٽريوري: ا-پوسٽريوري: ___A-

ميوزيڪل البم[سنواريو]

ا-پوسٽريوري جرمنيءَ جي ميوزيڪل پراجيڪٽ اينگما (Enigma) جي ڇھين اسٽوڊيو البم جو نالو آهي جيڪو ووئيجر(Voyageur) البم کان پوءِ جاري ٿيو ۽ ڊسمبر 2006 ۾ گريمي ايوارڊز ۾ بھترين نيو ايج البم جي لاء نامزد ٿيو ھو [1]

نالي جو مطلب[سنواريو]

ا-پوسٽريوري يا آ-پسٽريوري (A posteriori) لاطيني محاورو آھي جنھن جي معني آهي "نتيجي بعد"(after the fact) . اھو تجرباتي ڄاڻ طرف اشارو ڪري ٿو. اھو ماضيءَ جي تجربن مان ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو نظرياتي علم وارو خيال (epistemological concept) آهي

بين الاقوامي تعلقاتن ۾ مطلب[سنواريو]

امڪاني صورتحال جواندازو :لاطيني ٻوليءَ جو هيءُ اصطلاح ڪنهن به واقعي يا حادثي کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال کي حاصل ٿيل تجربن ذريعي واضح ڪري ٿو ۽ ٿيل تجربن مان نتيجا ڪڍي مستقبل لاءِ پاليسي جوڙڻ تي زور ڏئي ٿو. مثال طور ٿڌي لڙائيءَCold War جي خاتمي کان پوءِ بين الاقوامي سياست ۾ جيڪي امڪاني تبديليون اچڻ جا خدشا هئا، تن کي ذهن ۾ رکندي،مستقبل جي عالمي طاقتي سرشتي جي جوڙ جڪ ۽ سياسي جاگرافيءَ ۾ تبديليون محسوس ڪرڻ آسان هو. اهڙي طرح هن عمل ذريعي هڪ خاص تجربي جي بنياد تي ڪنهن به امڪاني صورتحال بابت اڳواٽ مجموعي تاثر جوڙڻ ۾ آساني ۽ پاليسيون ٺاهڻ لاءِ رهنمائي ملي ٿي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. "49th Annual Grammy Awards Nominee List". Grammy. Grammy.com. وقت 20 December 2006 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 9 December 2006.  line feed character in |archivedate= at position 4 (مدد); Check date values in: |archive-date= (مدد)
  2. .ڪتاب: بين الاقوامي تعلقات جي لغت ؛ مرتب: انعام شيخ؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي