آڳ گاڏي ٽنڊي جي (راند)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آڳ گاڏي ٽنڊي جي راند ٽي ٻار ڪندا آهن، جن مان ٻہ اوڪڙو ٿي ويهندا. هڪڙو ڄڻو کٻو هٿ وات تي رکي ڪندو: ”آ-وا-وا-هپي،“ ائين چئي، اهو هٿ پنهنجي ساڄي ٻانھن جي ڏوري کي ڀچائي جهلڻ ۾ روڪيندو. وري مخالف سامهون ويٺل ٻار پنھنجو ساڄو هٿ ”آ- وا- وا- هپي“ چئي. پنھنجي کاٻي ڏوري کي سوگهو جهلڻ سان روڪيندو، تنهن کان پوءِ پهريون ٻار هاڻ پنهنجو ساڄو هٿ وات تي رکي ”آ- وا-وا هپي“ چئي، سامھون ٻار جي ساڄي ڪلهي کي پڪڙي جهليندو، ان کان پوءِ ٻيو ٻار پنھنجو کاٻو هٿ وات تي آڻي ٽپري ٽپري چوندو: ”آ-وا-وا-هپي.“ اهو هٿ پھرئين ٻار جي ساڄي ڪلهي تي ڀچائي رکندو. هاڻ ٽيون ٻار(هنن جي ٻانهن جي رکڻ سان جيڪي ٽي خال ٺھيا هڪ هڪ سيني جي ڀر ۾ ۽ ٽيون وچ ۾) هڪڙي ٽنگ هڪڙ: ٻار جي سيني واري خال ۾ ٻي ٽنگ ٻئي سيني واري خال ۾ وجهي وچ واري خال تي تاڏو ٿي ويندو، پوءِ هو ڳنڍيل ٻئي ٻار اُٿندا ۽ چوندا هلندا: ”آڳ گاڏي ٽنڊي جي، آڳ گاڏي ٽنڊي جي“ پوءِ مقرر ڪيل دنگ تائين ان کي ٻانهن تي کڻي اتي لاهيندا، اتان وري لٿل ٻار: ”آ-وا-وا-هپي“ چئي جُتبو ۽ ٻيو ٻار مٿان چڙهندو اهڙي ريت واري تي ٽيئي چڙهي پيا راند ڪندا.[1]

حوالا[سنواريو]