آڱرين جو اُٺ هلائڻ (راند)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آڱرين جو اُٺ هلائڻ ٻارڙن جي وندر لاءِ راند، مائٽ ٻنهي هٿن جي پٺن کان ٻيانگڙين ۾ وجهي پوءِ مُٺيون ابتيون ڪندو تہ ٻٽو مُڪو ٺهي پوندو. ان ٻٽي مُڪي کي مٿي اُڀو جهلي ان مان اڳيان ٻيئي ڏسڻيون آڱريون ٻاهر ڪڍي اُڀيون ڪري انهن جون چوٽيون پاڻ ۾ ملائبيون ۽ پٺيان بہ ٻئي چيچون ڪڍي انهن جون چوٽيون پاڻ ۾ گڏبيون، پوءِ ٻار کي چوندو تہ هي ٻيئي اُٺَ آهن. ”تون ڪھڙو ٿو کڻين؟“ ٻار جي چوندو ”اڳيون“، تہ پاڻ چوندو: ”منھنجو اُٺ پويون آهي.“ پوءِ ٻيئي گڏيل چيچون هيٺ مٿي ڪري چوندو: ”منھنجو اُٺ هلي پيو، پپوءَ جو اُٺ بيٺو آهي.“ اهي لفظ ٻڌي ٻار جي هانءَ تي مونجهارو ٿيندو، اهو محسوس ڪري وري اڳيون آڱريون هيٺ مٿي ڪري چوندو: ”پپوءَ جو اُٺ هلي پيو، منھنجو اُٺ بيٺو آهي.“ ٻار خوش ٿيندو، وري ٻيئي جوڙ آڱرين جا هلائي چوندو: ”ٻيئي اُٺ، پيا هلن.“[1]

حوالا[سنواريو]