آگبوٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آگبوٽ جي لفظي معنيٰ باهه جي طاقت سان پاڻيءَ تي هلندڙ جهاز آهي، ليڪن دراصل جهاز ٻاڦ جي طاقت تي هلندو هو، يعني ’ٻاڦ جي طاقت کي حرارت واريءَ توانائيءَ ۾ تبديل ڪندڙ ڪَل‘ هو. ان جو طريقو اهو آهي، جو ٻاڦ سِلنڊر کي اندرِ پسٽن ۾ اڳتي ڌڪي ٿي. ٻاڦ جو زور ختم ٿئي ٿو ته سلنڊر پوئتي هٽي ٿو. اهو عمل چڪري کي ڦيرائڻ لاءِ دٻاءُ وجهي ٿو ۽ ڪَلُن جو سڄو مانڊاڻ حرڪت ۾ اچي وڃي ٿو.

تاريخ[سنواريو]

ان جو پهريون ڪامياب مثال ’جيمس واٽ‘ جي 1769ع ۾ ٺهيل ڪَلَ هئي. ٻاڦ جي مدد سان انهيءَ حرڪت ۽ طاقت سان صنعتي انقلاب وجود ورتو. ان کان پوءِ 1787ع ۾ ’جيمس رمزي‘ ٻاڦ تي هلندڙ بحري جهاز هلائڻ جو ڪامياب مظاهرو ڪيو. 1807ع ۾ ’رابرٽ فلٽسن‘ ”ڪليرمانٽ“ بحري جهاز ذريعي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ 29 ڏينهن ۽11 ڪلاڪ لاڳيتو سفر ڪيو. اهڙيءَ طرح ٻاڦ جي طاقت (اسٽيم ٽربائين) تي هلندڙ آگبوٽن جو سلسلو شروع ٿيو، ۽ سِڙهن وارن جهازن جي جاءِ تي آگبوٽن کي ترجيح ڏني وئي.[1]