مواد ڏانھن هلو

آڪسيجن ۽ هئڊروجن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آ آڪسيجن ۽ هائڊروجن (انگريزي ٻولي: Oxygen & Hydrogen) گئسون هڪ خاص حالت ۾ ملي، ڪيميائي عمل يا چرپر ڪري پاڻي (H2O) ٺاهين ٿيون. ٻنهي گئسن جي خوبين ۽ پاڻيءَ جي خوبين ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. هئڊروجن گئس پاڻ ٻري ٿي، آڪسيجن ٻرڻ ۾ مدد ڏي ٿي، پر پاڻي (انگريزي ٻولي: Water) عام حالت ۾ باهه وسائي ڇڏي ٿو. آڪسيجن جا ٻه ۽ ڪاربن جو هڪ ايٽم هڪ خاص ماحول ۾ ملي ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ گئس ٺاهين ٿا. آڪسيجن عام حالت ۾ جياپي لاءِ اهم آهي ۽ ڪاربن بي اثر، جڏهن ته ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ زهريلي، پر جيڪڏهن آڪسيجن جو هڪ ۽ ڪاربن جو هڪ ايٽم ملي پون ته ڪاربن مونو آڪسائيڊ گئس ٺهي پوندي، جيڪا ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ کان به وڌيڪ زهريلي ۽ ماريندڙ گئس آهي. [1] [2]

حوالا

[سنواريو]
  1. شعور (ڊاڪٽر محبت ٻرڙو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, اصل کان 15 جولاءِ 2016 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 31 جولاءِ 2016۔  اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام