آڪاس ول
ڏيک
آڪاس ول | |
---|---|
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | Cassytha |
جنس: | Template:Taxonomy/Cassytha{. filiformis |
حياتياتي نالو | |
Cassytha filiformis L.[1] |
آڪاس ول:
هيءَ هڪڙي قسم جي وڻن تي چڙهندڙ ول آهي، جنهن کي پن ڪو نه ٿئي. اڪثر آسٽريليا ۽ آفريڪا ۾ ٿيندي آهي. بي پاڙيءَ ول وانگي رڳو تندون ٿيندي آهي. سائي پيلي رنگ جي ٿيندي آهي. گل ننڍڙا ۽ چڌن جيڏا اٿس، جي ڇڳن وانگي بيهندا آهن. ڪاري رنگ جو ڦر به ڪندي آهي، جو مٽر جيڏو ٿيندو آهي. هنديءَ ۾ آڪاس ول ۽ انگريزيءَ ۾ ڪاسي ٿيا چونس ٿا.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ سانچو:GRIN
- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو