آکيرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پکي پنهنجي اجهي لاءِ ڪکن، تيلَن ۽ سنهي گاهه وغيره سان وڻن ۾ آکيرا ٺاهيندا آهن. جڏهن ٻچن ڪرڻ جي موسم ايندي آهي ته هر پکي پنهنجي ضرورت ۽ حالتن مطابق آکيرو ٺاهيندو آهي. پکي پنهنجو آکيرو جوڙڻ لاءِ ڪک، گاهه جا پن، سينور ۽ تيليون يا ڪاٺيون گڏ ڪرڻ لڳندا آهن. ڪي پکي آنا لاهڻ لاءِ زمين يا واريءَ ۾ ’کڏڙيون‘ کوٽيندا آهن. ڪي پکي پنهنجو آکيرو ٺاهڻ بدران ٻئي پکيءَ جي ٺاهيل آکيري تي قبضو ڪري، ان ۾ آنا لاهيندا آهن، جن مان ٻچا پڻ ڦٽي پوندا آهن، جيئن ڪوئل، جيڪا ڪانءَ جي آکيري ۾ آنا لاهيندي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]